| صنعتي سرگرمين ۾ بهتري: معاشي خودمختياري ڏانهن اهم قدم |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس مطابق پاڪستان ۾ صنعتي سرگرمين ۾ بهتر اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پاڪستان اندر صنعتي پيداوار ۾ وسيع روزگار ۽ معاشي خودمختياري ڏانهن اهم قدم آهي. صنعت ۾ لڳاتار ٻئي مهيني واضع بهتري رڪارڊ ڪئي وئي. آڪٽوبر مهيني ۾ لارج اسڪيـل مينوفيڪچرنگ ۾ سالياني بنياد تي 8.3 سيڪڙو واڌ سان صنعتي سرگرمين ۾ واضح تيزي آئي. جولاءِ کان آڪٽوبر 2025 دوران لارج اسڪيـل مينوفيڪچرنگ ۾ 5.02 سيڪڙو مستحڪم واڌ رڪارڊ ٿي. آٽو موبائل شعبي ۾ 78.89 سيڪڙو کان وڌيڪ غيرمعمولي واڌ، سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن جي اعتماد ۾ نمايان بحالي آهي. برآمدي طلب ۾ نمايان اضافي سبب آڪٽوبر دوران گارمينٽس جي پيداوار 10.99 سيڪڙو تائين پهچي وئي. پيٽروليم شين جي پيداوار ۾ 12.25 سيڪڙو اضافو، ڊيزل، جيٽ فيول ۽ ايل پي جي جي پيداوار ۾ واضع تيزي رڪارڊ ڪئي وئي. پڌرائي مطابق فوڊ سيڪٽر، برقي اوزارن، رٻڙ ۽ نان ميٽيلڪ منرلز جي پيداوار ۾ بهتري صنعتي شعبي کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو آهي. ايس آءِ ايف سي جي جامع سهولتڪاري ۽ اثرائتي معاشي سڌارا پاڪستان جي معاشي بحالي جي مضبوط نتيجن جي عڪاسي ڪن ٿا