| صنعتي ۽ زرعي ترقي لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ صنعتي ۽ زرعي ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ حڪومت جي سفارش تي نيپرا اضافي بجلي جي استعمال تي رعايتي قيمتن جي منظور ڪري ڇڏي آهي. وزارت توانائي پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق نيپرا جو فيصلو وفاقي حڪومت تائين پهچي ويو آهي جنهن مطابق صنعتن لاءِ اضافي بجلي جي استعمال تي 22 روپيا 98 پئسا في يونٽ چارج ڪيو ويندو۔ پاور ڊويزن نيپرا جي فيصلي کي خوش آمديد چيو آهي۔ پاور ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ قدم کڻي چڪو آهي۔ صنعتي پيڪيج مان گهريلو ۽ ڪمرشل صارف متاثر نه ٿيندا۔ پڌرائي مطابق صنعتي شعبي لاءِ اضافي يونٽن جي قيمت 34 روپيا ۽ زرعي شعبي لاءِ 38 روپيا في يونٽ کان گهٽ ڪري 22.98 روپيا في يونٽ مقرر ڪئي وئي آهي۔ ان سان صارفين جي اوسط بجلي جي خريداري قيمت گهٽجي ويندي۔ صنعت ۽ زراعت جي شعبن کي اضافي بجلي تي گهٽ نرخ تي فراهم ڪئي ويندي۔ عوام سان ڪيل واعدا پورو ڪيا پيا وڃن۔ اميد آهي ته هي اقدام معيشت ۾ بهتري آڻيندو۔