| صنعتڪار امارات کي قرض واپسي جو پورائو ڪرڻ لاءِ تيار |
لاهور (م ڊ) آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي صنعتڪارن 2 ارب ڊالرن جو فنڊ اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو. گڏيل عرب امارتن جي رقم جي واپسي کانپوءِ بيان ۾ اپٽما چيئرمين ڪامران ارشد چيو ته اسان حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهيون، ڪو به مسئلو اچڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته امن ڳالهين کانپوءِ وزيراعظم سان ملي ان مسئلي جو حل ڪڍي وٺنداسين، سڀ کان پهرين پاڪستان، اپٽما هميشه ان عهد کي نڀايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جون تمام شرطون پوريون ڪري چڪو آهي، ايڪسپورٽ تيزي سان وڌي رهي آهي.