| صوابي ۾ عورت 4 ٻار ڄڻيا، 2 پٽ ۽ 2 ڌيئر، صحتمند قرار |
صوابي (م ڊ) صوابي جي باچاخان ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ عورت هڪ ئي وقت 4 ٻارن کي جنم ڏنو، جن ۾ 2 پٽ ۽ 2 ڌيئر شامل آهن، اسپتال جي ترجمان موجب والدين جو تعلق صوابي جي علائقي سليم خان سان آهي، ماءَ ۽ سمورا ٻار صحتمند آهن، ٻارڙن ۾ 2 پٽ ۽ 2 ڌيئرون شامل آهن، چار ئي ٻار بغير آپريشن جي ڄاوا، ٻارڙن جي والد مقصود علي چيو ته هڪ ئي وقت چئن بارن جي پيدائش تي تمام گهڻو خوش آهيان، بي ڪي ايم سي انتظاميا ۽ ڊاڪٽرز جو خاص شڪريو ادا ڪريان ٿو.