صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو به ڪشمور، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

مارچ 19, 2024

ڪنڌڪوٽ(ڳالهه ٻولهه:لياقت کوسو) شبير بجاراڻي کانپوءِ صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو به ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ بدامني تي ضابطي لاءِ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي بابل ڀيو چيو ته ٽنهي ضلعن مان بدامني جي خاتمي لاءِ پوليس، رينجرز ۽ فوج جو گڏيل آپريشن ٿيڻ گهرجي، امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قبائلي جهيڙا به ختم ڪرڻا پوندا

سندس چوڻ هو ته ڪنهن به علائقي ۾ پوليس اهلڪار کي ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين مقرر نه ڪيو وڃي

ان کان اڳ شبير بجاراڻي ٽائيم نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته اتر سنڌ ۾ وزيرستان جهڙو آپريشن ٿيڻ گهرجي، شبير بجاراڻي پوليس جي لوئر رينڪ آفيسرز تي ڌاڙيلن تائين ڀنگ پهچائڻ جا الزام به هنيا

Leave A Comment