ڪراچي(رپورٽ: دودو چانديو) سنڌ ڪابينا صوبائي فنانس ڪميشن ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي وڏو وزير مراد شاهه چيئرمين ٿي ويو
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيرن کانسواءِ خاص معاون، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي
اجلاس کي ڊگهو رکڻ لاءِ 69 ايجنڊائون طئي ڪيون ويون، ڪابينا صوبائي فنانس ڪميشن ٺاهڻ جي منظوري ڏني جنهن تحت وڏو وزير مراد علي شاهه چيئرمين ۽ ناصر شاهه ڪو چيئرمين مقرر ڪيا ويا
صوبائي فنانس ڪميشن ۾ 2 ايم پي ايز، سيڪريٽري فنانس، سيڪريٽري پي اينڊ ڊي ۽ سيڪريٽري بلديات ميمبر هوندا
ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب، سکر جو ميئر ارسلان شيخ، ضلعي ڪائونسل مان قاسم نويد، ميونسپل ڪميٽي چيئرمين قاسم سراج، ڪرونگي ٽائون مان نعيم شيخ ۽ ٽائون ڪميٽي مان نثار خاصخيلي به ميمبر هوندا
اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي ايف سي کي اڄ ئي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پي ايف سي ايوارڊ جو ٽينيور جي ختم ٿيڻ کان اڳ ئي اعلان ڪيو ويندو
سنڌ ڪابينا ڊاڪٽر عاصم کي ايجوڪيشن بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اڪائونٽس کي بند ڪرڻ جي منظوري به ڏني، وڏي وزير طرفان ڊائريڪٽوريٽ جي ملازمن کي ناڻي واري وزارت جي سرپلس پول ۾ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي
ڊائريڪٽوريٽ ۾ گريڊ هڪ کان 18 تائين جا 89 ملازم آهن جنهن تي ساليانو 98 ملين رپيا خرچ ٿين ٿا ۽ اهو اي جي آفيس جي ماتحت ڪم ڪندو هو، ان حوالي سان سيد مراد علي شاهه چيو ته جتي به خالي جايون هجن اتي ملازمن کي مقرر ڪيو وڃي
سنڌ ڪابينا ديهه چوهڙ ۾ 27 سئو 67 ايڪڙ سرڪاري زمين انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ کي ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني ان زمين جي 50 سيڪڙو ايراضي تي تعليمي ادارا ٺاهيا ويندا
خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون تي ون ونڊو سهولت قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ان تي سنڌ بلڊنگ اينڊ ٽائون پلاننگ ريگيوليشن ايڊاپ ڪيا ويندا
اجلاس ۾ اين اي ڊي ٽيڪنالاجي پارڪ لاءِ هڪ بلين رپين جي پڻ منظوري ڏني وئي