صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پاران سنڌ ۾ اڄ کان منشيات فروشن خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان

مارچ 18, 2024

سنڌ ۾ اڄ کان منشيات فروشن خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صوبي ۾ اڄ کان منشيات جي ڪاروبار خلاف انتهائي سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ پيا وڃون، عوام ۽ ميڊيا کي ڪريڪ ڊائون ۾ سهڪار جي اپيل ڪيون ٿا، شرجيل ميمڻ چيو ته ميرپورخاص ۾ به جلد پيپلز بس سروس شروع ڪنداسين، ڪراچي ۾ عورتن جي لاءِ مخصوص پنڪ بسز جو انگ به وڌايو ويندو، ڪراچي ۾ عيد کانپوءِ نون روٽس تي وڌيڪ بسون هلڻ شروع ٿي وينديون، بلاول ڀٽو زرداري جو حڪم آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ عوام جي سهولت لاءِ بس سروس شروع ڪئي وڃي

Leave A Comment