اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ نون صوبن بابت بحث، ڪانفرنس دوران چيو ويو ته صوبا پاڪستان کان پراڻا آهن، بحث ڇيڙيندي خيال رکڻ گهرجي ڪٿي مسئلا وڌي نه وڃن. ايس ڊي پي آءِ پاران اسلام آباد ۾ نوَن صوبن بابت قومي سطح تي منعقد ڪيل بحث ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ کانسواءِ لوڪل گورنمينٽ نه هلي سگهندي، آبادي جي لحاظ سان نوان صوبا ٺاهيا وڃن، ڪي پي حڪومت جي اڳوڻي اطلاعات واري صلاحڪار بئرسٽر سيف جو چوڻ هو ته نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪلز ۾ ترميمون ڪرڻيون پونديون، صوبائي حڪومتون ڪڏهن به نه چاهينديون ته اختيار هيٺئين سطح تائين منتقل ٿين،ملڪ کي نون صوبن ۽ سڌارن جي ضرورت آهي، نوَن صوبن لاءِ نيشنل ڪميشن ٺاهي وڃي. پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو ته اها ڳالهه ٻولهه پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي ها، سڀ کان پهرين عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي هڪ ميز تي ويهڻو پوندو، تمام سياسي جماعتن کي ويهاري اتفاقِ راءِ پيدا ڪريو ۽ بسم الله ڪريو. پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو ته صوبا پاڪستان کان پراڻا آهن، بحث کي ڇيڙيندي خيال رکڻ گهرجي ته ڪٿي مسئلا وڌي نه وڃن، جيڪڏهن نظام ۾ خرابي آهي ته ٺيڪ ڪئي وڃي، اسان کي آئين جي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪ ۾ اختيارن جي ورهاست سميت ڪيترائي مسئلا آهن. جماعتِ اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ چيو ته نون صوبن جو قيام ۽ بلدياتي نظام جو مطالبو آئين سان متصادم ناهي، ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. هي تمام اهم موضوع آهي، هڪ وسيع ڊائلاگ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ماضيءَ جي غلطين مان سکي اڳتي وڌڻو پوندو، بااختيار نظام سان ئي شهريءَ جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هوڏانهن پي ٽي آءِ پاران حڪومت کان استعفا جو مطالبو ڪيو ويو آهي، اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نوَن صوبن جي حوالي سان اتحادين جو سربراهي اجلاس گهرايو ويندو، خواهش آهي ته نوَن صوبن جي معاملي تي اتحادين جو گڏيل موقف هجي، هاڻوڪي اسيمبلي وٽ قانونسازي جو مئنڊيٽ ۽ اختيار نه آهي، حڪومت استعيفا ڏئي.
اسلام آباد: وفاقي حڪومت نون صوبن جو معاملو پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، مملڪتي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ بلال اظهر ڪياني نون صوبن جي معاملي تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته پارليامينٽ ۾ بحث کان پوءِ گڏيل اتفاقِ راءِ سان حل ڪڍڻ گهرجي، ان معاملي تي کليل ذهن سان غور ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته نون صوبن جي قيام جو بنيادي مقصد انتظامي معاملن (گورننس) ۾ بهتري آڻڻ آهي. ناڻي واري مملڪتي وزير پيپلز پارٽي پاران نون صوبن جي مخالفت تي ڪنهن به تبصري کان پاسو ڪندي چيو ته هر ڪنهن کي کليل ذهن سان ڏسڻ گهرجي ته عوام کي سهولتون ڪيئن بهتر نموني فراهم ڪري سگهجن ٿيون، ۽ اسان کي کليل دل سان بهتريءَ جي گنجائش رکڻ گهرجي. وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ ن ليگ اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته صوبن جو معاملو اڃا ڪابينا يا پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ ناهي آيو، اسٽبلشمينٽ صوبن جي حوالي سان ڪا تجويز رکندي ته حڪومت ڳالهيون ڪندي، ڪنهن ڳالهه تي اتفاق راءِ ٿيو ته حڪومت هڪ موقف کڻي ايندي، بحث ٿيڻ ڪنهن به معاشري ۾ سٺي شيءِ آهي، هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال غلط پيو چوي، 26هين ترميم اوچتو نه آئي هئي، ڏيڍ مهينو فضل الرحمان جي در تي ويٺا هئاسين، 26هين ترميم ۾ 56 ترميمون هيون، 12-13 تي اتفاق راءِ ٿيو، ميثاق جمهوريت ۾ آئيني عدالت جو ذڪر هو، آئيني بينچ جي تجويز پي ٽي آءِ جي هئي، 26هين ترميم اتفاق راءِ سان منظور ٿي.