سيوھڻ (ن پ ا) پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙو صوبن واري معاملي تي چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿئي ته پوائنٽ آف آرڊر تي ڪنهن کي ڳالھائڻ کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ باقي ھو ٺھراءَ پيش ڪري نه سگھندا، ڇو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي صوبي خلاف ٺھراءَ پيش ڪري ۽ جواب ۾ صوبو ان کي رد ڪري ته پاڪستان ۾ ڇا بچندو، مراد علي شاهه ان ڪري وفاق کي خبردار ڪيو ھو ته صوبن جي خلاف ڳالهھ ڪندا ته صوبا توهان جي خلاف ڳالھائيندا، هن چيو ته پيپلزپارٽي اڳ ۾ به ڏکيا ڏينهن گھڻا ڏٺا آهن اڳتي به منهن ڏينداسين، مهانگائي واري سوال تي ھن چيو ته مهانگائي تي ماڻهو تمام گهڻا ڪاوڙيل آهن، هن چيو ته جماعت اسلامي کي ڪنهن به احتجاج کان ناهي روڪيو، گورنر هائوس ٻاهران ڏٺو ته هنن جو هڪڙو ماڻهو به موجود نه هو، نثار کهڙو چيو ته عمران کي سزا حڪومت نه پر عدالت ڏني آهي، احتجاج پي ٽي آءِ جو حق آهي تشدد نه هجي. نثار کھڙو سيوھڻ ۾ حضرت لعل شھباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙھي، ملڪ ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعا گھري، پ پ ضلعي ڄامشورو جي صدر سيد آصف علي شاهه جي رھائشگاھه تي پهتو، اڳوڻو سينيٽر عاجز ڌامراھ، اڳوڻو ايم پي اي سيد آصف علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ ھئا.