| صوبن جو ورهاڱو مڙهيو پيو وڃي، حڪومت بند گهٽي ۾ آهي سڀئي گڏجي خطرناڪ ڪم روڪين: ناصر عباس |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي خطرناڪ بحرانن جي ور چڙهيل آهي، بحران گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن ۽ ملڪ جي سالميت خطري ۾ آهي. صوبن جو وفاق تي اعتماد متاثر ٿيو آهي، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن سبب اتفاق راءِ برقرار نه رهيو آهي. وفاقيت تي سوال اٿي رهيا آهن، معاشي بحران، مهانگائي ۽ غربت وڌي رهي آهي، 50 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ آهي. هن چيو ته امن امان جو بحران پڻ سنگين آهي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان جي رياست ۽ حڪومت عوام جو اعتماد وڃائي چڪا آهن، هتي انصاف نه پيو ملي. مهذب معاشرن ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ تي نئون مينڊيٽ ورتو ويندو آهي. توهان پاڻ چئو ٿا ته نظام ناڪاره ٿي چڪو آهي ۽ پوءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته حڪومت پنج سال مڪمل ڪندي. نون صوبن جي نقشي کي عجيب قرار ڏيندي هن چيو ته حڪمران ملڪ کان ٻاهر وڃي علاج ڪرائين ٿا. ايم اين ايز ۽ سينيٽر به سرڪاري، يعني عوام جي پئسن تي ٻاهر وڃن ٿا. پمز واقعي بابت هن چيو ته ڪميٽي جي جوڙجڪ درست ڪئي وڃي، قائم ڪيل ڪميٽي مان نيڪ نيتي نظر نه ٿي اچي. چونڊيل نمائندن اي ڊي مقرر ڪرڻ کان منع ڪيو هو. علامه راجا ناصر عباس چيو ته پمز واقعي ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ تي حڪومت کي ڪو ڏک محسوس ٿيندي نظر نٿو اچي. توهان صحت سميت ڪنهن به معاملي ۾ سنجيده ناهيو. سرڪاري ادارن ۾ ميرٽ جو قتل ٿي رهيو آهي، توهان نااهل ۽ ناڪارا آهيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته مڪاني ادارن کي فعال ڪري اختيار ڏنا وڃن ته 90 سيڪڙو مسئلا حل ٿي ويندا. مڪاني چونڊن سان نئين قيادت پيدا ٿيندي. ڇا مڪاني نظام آئين جي خلاف آهي. مڪاني چونڊون ڇو نه ڪرايون پيون وڃن. صوبن جي ورهاست به پئسن جو مسئلو آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي بيان تي حيرت ٿئي ٿي، هو اهڙي ڳالهه ڪٿان آڻين ٿا. پنجاب جي وڏي وزير جو بيان ٻرندڙ باهه تي تيل هارڻ برابر آهي ۽ سندس بيان قابل مذمت آهي، کيس اهو بيان واپس وٺڻ گهرجي. راجا ناصر عباس چيو ته ڇا هي هارڊ اسٽيٽ آهي، صحافين کي کنڀيو پيو وڃي، اهڙا حربا آئين جي خلاف آهن. ڇا ڪابينا نوان صوبا ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟ مسلم ليگ ن جي پارٽي پاليسي به خاموش آهي. ڇا پنجاب اسيمبلي يا بلوچستان اسيمبلي صوبا ٺاهڻ بابت بل منظور ڪيو آهي؟ هن چيو ته صوبن جي ورهاست به مڙهي پئي وڃي، اهو معاملو ڪير کڻي آيو آهي ۽ ڪنهن جي چوڻ تي آندو ويو آهي؟ حڪومت بند گهٽي ۾ پهچي چڪي آهي، هن مطالبو ڪيو ته حڪومت سمورين پارٽين کي گڏ ڪري هن خطرناڪ ڪم کي روڪيو وڃي ۽ چيو وڃي ته هاڻي بس. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بل منظور ٿيو، اهڙي عمل سان آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي وڃي. پارليامينٽ کي اونداهي ۾ رکيو پيو وڃي ۽ اڳوڻي وزيراعظم سان دشمنن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مخالف ڌر کي گهٽ ۾ گهٽ جن نقطن تي اتفاق ٿي سگهي ٿو، انهن تي گڏ ٿيڻ گهرجي. عمران خان سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان قسم جي ايڊونچر جو حصو نه بڻجنداسين.