| صوبن جي مخالفت: سمارٽ لاڪ ڊائون نه لڳائڻ جو فيصلو: بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ۽ جامع حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدرِ مملڪت جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ حڪومت صوبن جي مخالفت سبب ملڪ ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تفصيل موجب ايوان صدر ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قومي سلامتي جو مشير ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ، بلاول ڀٽو ، محمد اورنگزيب، عطا الله تارڙ، اعظم نذير تارڙ، احسن اقبال، علي پرويز ملڪ. احد خان چيما. چئني وڌن وزيرن مريم نواز، مراد علي شاهه، سهيل آفريدي ۽ سرفراز بگٽي.گلگت بلتستان جي نگراں وڏي وزير يار محمد ۽ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ شريڪ ٿيا، چئني صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير طرفان مهانگائي جي دٻاءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ، ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ عوام تي اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي،اجلاس ۾ وچ اوڀر جي مجموعي صورتحال ۽ ان جي پاڪستان جي سيڪيورٽي، معيشت ۽ خوراڪ جي تحفظ تي ممڪن اثرن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته عالمي بحران جي باوجود بروقت فيصلن سبب ٻارڻ جي فراهمي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه آئي آهي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي ذخيرا موجود آهن،ان کان علاوه نائب وزيراعظم اسحاق ڊار حڪومت جي فعال سفارتي ڪوششن بابت آگاهي ڏني ۽ ترڪي، سعودي عرب ۽ مصر جي قيادت سان رابطن ۽ تڪرار ۾ شامل ملڪن سان ڳالهين بابت بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن توانائي بچت قدمن تحت ملڪ ڀر ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، جنهن تي اجلاس ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو .ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، بلاول ڀٽو زرداري، محسن نقوي ۽ قومي سلامتي جو مشير ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ پڻ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ قومي سلامتي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته علائقي ۾ بدلجندڙ حالتن ۽ انهن جي پاڪستان تي ممڪن اثرن جو به جائزو ورتو ويو، ملڪ کي درپيش معاشي، توانائي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن تي صلاح مشورا ڪيا ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو، ملاقات ۾ قومي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ اداري سطح تي هم آهنگي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو، ،اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي، ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ۽ سرڪاري گاڏين جي 60 سيڪڙو استعمال کي فوري طور بند ڪرڻ جهڙا قدم کنيا آهن، صدرِ زرداري چيو ته ڏکئي وقت ۾ معاشي طور ڪمزور طبقي کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو،صدرِ گڏيل فيصلن کي يقيني بڻائڻ ۽ معيشت، توانائي، خوراڪ جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي،