| صوبن کان آبپاشي کاتي جي زمين جا تفصيل طلب: ڏسڻ چاهيون ٿا غيرقانوني قبضا ته ناهن؟ اسٽينڊنگ ڪاميٽي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي آبي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس عتيق احمد انور جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ چئني صوبن ۾ آبپاشي معاملن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. سنڌ جي عملدارن ٻڌايو ته سنڌ ۾ گذريل ڏهن سالن کان آبپاشي کاتي جي زمين تي ڪنهن به قبضو ناهي ڪيو. ڪميٽي چيئرمين چيو ته صرف اهو ٻڌايو ته سڀني صوبن ۾ آبپاشي کاتي وٽ ڪيتري زمين موجود آهي. ڪميٽي ميمبر شازيه مري چيو ته جيڪڏهن هن بحث جي پٺيان ڪا تعميري ڳالهه آهي ته پوءِ ٺيڪ آهي، اسان کي پنهنجي دائري اختيار ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. اسان اڳ ئي اهو نتيجو ڪڍي رهيا آهيون ته فنڊنگ ٿئي ٿي ۽ ڪرپشن ٿئي ٿي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته چئني صوبن ۾ آبپاشي جي زمين جو استعمال ڪهڙي نموني ٿي رهيو آهي، ان جو جائزو ورتو ويندو. ڏٺو ويندو ته ڪٿي آبپاشي کاتي جي زمينن تي غيرقانوني قبضا ته ناهن. ڪميٽي چئني صوبن کان آبپاشي کاتي جي زمين ۽ ان جي استعمال بابت تفصيل طلب ڪري ورتا. سنڌ جي سيڪريٽري آبپاشي ٻڌايو ته سئو سالن کانپوءِ سکر بئراج جا گيٽ تبديل ڪيا پيا وڃن. ڪراچي لاءِ ڪي فور منصوبي تي ڪم جاري آهي. ڪميٽي ميمبر صبا ٽالپر سوال ڪيو ته بئراجز تي ٽيلي ميٽرنگ سسٽم ڇو نٿو لڳايو وڃي. پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽيلي ميٽرنگ سسٽم لڳايو وڃي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته پاڻي جي ورڇ بابت چئني صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن کي طلب ڪيو ويندو. جنهن صوبي جو پاڻي ۾ جيترو حق آهي، ان کي حصي مطابق پاڻي ملڻ گهرجي. ڪميٽي ميمبر سيد وسيم حسين چيو ته جيترو پيسو ڪراچي وارن ٽينڪرن ذريعي پاڻي خريد ڪرڻ تي خرچ ڪيو آهي، اوتري رقم ۾ ته ڪي فور منصوبو مڪمل ٿي سگهي ها. اسان جي ڪميٽي ميمبر صبا ٽالپر پاڻ به ساڍا ست سئو رپين جو پاڻي ٽينڪر گهرائيندي آهي. ڪراچي ۾ پاڻي موجود ناهي ۽ ٽينڪر مافيا پاڻي وڪرو ڪري رهي آهي. سنڌ جي سيڪريٽري آبپاشي چيو ته ڪي-فور منصوبي جي سمري لاڳاپيل فورم ڏانهن موڪلي وئي آهي. پاڻي جي ورڇ بابت معاهدو سالياني اوسط استعمال جي شرح مطابق آهي، ڪراچي کي اونهاري ۾ 570 ڪيوسڪ ۽ سياري ۾ 520 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ جو معاهدو ٿيل آهي. سيد وسيم حسين چيو ته ڪي فور منصوبي ۾ دير جو بار ڪراچي جي عوام تي پئجي رهيو آهي. ڪميٽي ميمبر شازيه مري چيو ته ڪي فور منصوبو انتهائي اهم آهي ۽ هاڻي ان کي لازمي طور مڪمل ٿيڻ گهرجي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پنجاب جي ڊيگ نالي بابت به معاملو بحث هيٺ آيو. ڪميٽي چيئرمين چيو ته ڊيگ نالي سبب هر سال ٻوڏ دوران وڏي تباهي ٿيندي آهي. ڊيگ نالي بابت سنجيده ۽ تڪڙا قدم کڻڻا پوندا. ڏٺو وڃي ته ان جو حل ڇا آهي، ڇا رڳو بند ٺاهڻ ڪافي رهندو. پنجاب جي عملدارن ٻڌايو ته ڊيگ نالي جي گنجائش 35 هزار ڪيوسڪ هئي، جڏهن ته هن ڀيري 70 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذري ويو. ڪميٽي چيئرمين عتيق انور چيو ته مان پاڻ ان علائقي ۾ رهندو آهيان ۽ اسان هر سال ٻڏون ٿا. عملدارن ٻڌايو ته نيسپاڪ ڊيگ نالي بابت اسٽڊي ڪري رهيو آهي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ بهتر صورتحال سامهون ايندي.