صوبن کان وڌيڪ اختيار مڪاني حڪومتن کي ڏيڻا آهن: احسن اقبال

صوبن کان وڌيڪ اختيار مڪاني حڪومتن کي ڏيڻا آهن: احسن اقبال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي گورننس جا وڏا چئلينج درپيش آهن ۽ سٺين پاليسين تي اثرائتي عملدرآمد نه ٿيڻ معاشي ترقي ۾ گهٽتائي جو اهم سبب بڻجي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ايس ڊي پي آئي ۽ يو اين ڊي پي جي گڏيل اهتمام هيٺ ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته عام شهري لاءِ گورننس جو مطلب بنيادي سهولتن جي فراهمي آهي، عوام کي خاص طور تي مضبوط ۽ مؤثر مقامي حڪومتن جي ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ پڻ مسئلن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهي آهي، پائيدار ترقي ۽ عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ بهتر گورننس انتهائي ضروري آهي، حڪومت ڍانچائي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، پر مضبوط ادارن کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي. 18هين آئيني ترميم تحت اختيار صوبي ڏانهن منتقل ڪيا ويا، پر اهي هيٺين سطح تائين منتقل نه ٿي سگهيا، جنهن ڪري هاڻي صوبن کان مڪاني حڪومتن ڏانهن وڌيڪ اختيار منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مضبوط مڪاني حڪومتون ئي بهتر گورننس فراهم ڪري سگهن ٿيون ۽ تعليم، صحت ۽ روزگار جهڙن اهم شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.