| صوبن کي برابري وارا حق ملندا ته ملڪ ترقي ڪندو: اچڪزئي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان چيو ته حڪومت جا اڍائي سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن ۽ هاڻي سڀني کي پنهنجو لهجو تبديل ڪرڻ گهرجي. هن اسپيڪر قومي اسيمبلي تي تنقيد ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ توهان وٽ وسيع پارلياماني تجربو هو، پر توهان ايوان هلائيندي آئين ۽ قانون جو خيال نه رکيو ۽ تيزي سان پنهنجي 14 ساٿين جي اسيمبلي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي. محمود خان اچڪزئي چيو ته لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ڪيترائي ماڻهو 70 سالن کان وڌيڪ عمر جا هئا، تنهنڪري ڪجهه خدا جو خوف به ڪريو. پنجن ماڻهن کي مجموعي طور 286 سالن جي قيد سزا ڏني وئي آهي، ماهه رنگ بلوچ کي به عمر قيد جي سزا ڏني وئي آهي. غير جمهوري حڪومتن کي سهارو ڏئي آئين کي پائمال ڪيو ويو. هن چيو ته سڀني صوبن کي برابري جا حق ملندا ته پاڪستان ترقي ڪندو. اسپيڪر اياز صادق چيو ته مون تي آئين ٽوڙڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، پر مون کي ٻڌايو وڃي ته مون ڪهڙو آئين ٽوڙيو آهي. جيڪڏهن ڪو پاڪستان جي مقابلي ۾ افغانستان جي حمايت جو اعلان ڪندو ته مان ائين ٿيڻ نه ڏيندس. جيڪڏهن ڪو فوج يا عدليه خلاف ڳالهائيندو ته مان ان جي به اجازت نه ڏيندس. جيڪڏهن پاڪستان جي آئين تي عمل ڪرڻ کي آئين ٽوڙڻ سڏيو وڃي ٿو ته پوءِ مان اهڙو آئين بار بار ٽوڙيندس. مخالف ڌر جي اڳواڻ جي الزامن جو جواب ڏيندي اسپيڪر قومي اسيمبلي جذباتي به ٿي ويو.