| صوبن کي ريلويز سان ڀائيواري جي آڇ: ڪي سي آر جي بحالي ضروري آهي: شهباز |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ريلوي جي ڊجيٽائيزيشن ۽ جديد سهوليتن جي فراهمي ملڪي معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار جي سهڪار سان ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي جديديت ۽ صوبي سميت سڄي ملڪ جي ريلوي اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن کي يقيني بنائيندي. ڪالهه ڪراچي جي دوري دوران شاليمار ايڪسپريس ۽ ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊ ٿيل ويٽنگ ايرياز ۽ لائوجز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ريلوي واري وزير حنيف عباسي ريلوي نظام جي بهتري لاءِ ڀرپور محنت ڪئي آهي، لاهور ريلوي اسٽيشن جي جديديت کانپوءِ هاڻي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کي پڻ جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان صوبي جي سمورين ريلوي اسٽيشنن کي جديد بڻائڻ لاءِ قدم کڻبا ته جيئن مسافرن کي سفر جون بهتر سهوليتون ميسر اچي سگهن. وزيراعظم چيو ته ڪراچي کان لاهور تائين شاليمار ايڪسپريس کي نئين ۽ اپ گريڊ شڪل ۾ آندو پيو وڃي. هن ڪراچي کي ملڪ جو معاشي مرڪز ۽ ”پاڪستان جي دل“ قرار ڏنو. هن چيو ته پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي حڪومتن سان سهڪار جاري رکيو ويندو ته جيئن ريلوي نيٽ ورڪ جي بهتري وسيلي قومي معيشيت کي مضبوط ڪري سگهجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سمورن صوبن سان گڏجي ريلوي نيٽ ورڪ کي وچ ايشيا تائين وڌائيندي ازبڪستان، افعانستان، پاڪستان ريلوي لائن منصوبو خاص اهميت رکي ٿو. هن اسلام آباد- استنبول ريلوي روٽ جي بحالي تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته سنڌ جيان ٻيا صوبا ٿر ڪول ريلوي لائين جيان ريلوي سان ڀائيواري ڪري پنهنجي نيٽ ورڪ کي بهتر ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته وفاقي وزير ريلوي ايشيائي ترقياتي بينڪ سان پاڪستان ريلوي جي بهتري لاءِ ٻه ارب ڊالرن جي فنانسنگ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. وڏي وزير طرفان ڪي سي آر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز تي وزيراعظم مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ ان کي اهم منصوبو قرار ڏنو. هن چيو ته 154 ريلوي اسٽيشنون پهرين ئي جديد بڻايون ويون آهن، سموريون اسٽيشنون اپ گريڊ ٿيڻ تي هو ريلوي واري وزير لاءِ صدارتي ايوارڊ جي سفارش ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف نوابزاده ڄام ڪرم علي ۽ پرنس ڄام قائم علي جي رهائشگاهه تي پڻ ويو. هن پ پ ايم اين اي عبدالقادر پٽيل جي رهائشگاهه تي پهچي کيس پٽ جي شادي جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم اڳوڻي وڏي وزير آفتاب شعبان ميراڻي جي رھائشگاھه تي پھچي تعزيت پڻ ڪئي.