صوبن ۾ حڪومت سازي جو عمل شروع: پنجاب اسيمبلي ۾ سڀاڻي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ڇنڇر تي چونڊيل ميمبر حلف کڻندا: گورنرن اجلاس سڏائي ورتا

فيبروري 22, 2024

لاهور/ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ)صوبن ۾ حڪومت سازي جو عمل شروع ٿي ويو، پنجاب اسيمبلي ۾ سڀاڻي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ڇنڇر تي چونڊيل ميمبر حلف کڻندا، گورنرن اجلاس سڏائي ورتا

پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سڀاڻي صبح 10 وڳي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو، نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا، اسپيڪر سبطين خان نون چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻائيندو

پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ 137 ميمبرز جي اڪثريت سان سڀ کان وڏي جماعت طور موجود هوندي، ٻئي نمبر تي پي ٽي آءِ پنهنجي حمايت يافته 115 اميدوارن سان ايوان ۾ ٻئي نمبر تي آهي، پيپلزپارٽي جون صوبائي ايوان ۾ 10 ۽ پاڪستان مسلم ليگ جون 7 سيٽون آهن

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 24 فيبروري تي صبح جو 11 وڳي طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ موجوده اسپيڪر آغا سراج دراني جنرل توڙي مخصوص سيٽن تان ڪامياب ٿيل 168 ايم پي ايز کان قسم کڻائيندو

حلف برداري کان پوءِ اسپيڪر آغا سراج دراني نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو شيڊول پڻ جاري ڪندو. ٻنهي آئيني عهدن لاءِ نامزدگي فارم ڀرجڻ جي ٻئي ڏينهن تي چونڊون ٿينديون، جن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چونڊيا ويندا

اسپيڪر جي چونڊ بعد وزيراعليٰ جي چونڊ جو شيڊول پڌرو ڪيو ويندو. اپوزيشن طرفان اپوزيشن ليڊر جو تعين ڪرڻ بعد ايوان جي جوڙجڪ مڪمل ٿي ويندي

ذريعن موجب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ نوشهروفيروز مان چونڊيل قانوندان ضيا لنجار جو نالو گردش هيٺ آهي جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ريحانه لغاري کي ٻيهر برقرار رکڻ تي غور ڪيو پيو وڃي

Leave A Comment