صوبيه شاهه کي تشدد ذريعي معذور ڪرڻ جو جرڳو: والد ۽ چاچو ڏوهي، 60 لک ڏنڊ 

صوبيه شاهه کي تشدد ذريعي معذور ڪرڻ جو جرڳو: والد ۽ چاچو ڏوهي، 60 لک ڏنڊ 

سڪرنڊ(رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ۾ سيد صوبيه بتول شاهه تي تشدد واقعي جو جرڳو: والد ۽ چاچي تي 60 لک ڏنڊ :  ان ڏس ۾ چانڊيا هائوس تي حاجي علي نواز چانڊيو جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، ڌرين جي امينن جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد صوبيه بتول شاهه جي والد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ چاچي محمد علي شاهه کي ڏوهي قرار ڏيندي 60 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو.  هوڏانهن سيد صوبيه بتول شاهه چيو ته اڄ مون سان انصاف ٿيو آهي، مون تي تشدد ڪندڙن کي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي، هن  لڙڪ لاڙيندي چيو ته نوشهري فيروز جي گل ٽائون ۾ 24 جولاءِ 2024 ع تي منهنجي والد، چاچي ۽ سوٽن مون سان وڏو ظلم ڪيو هو، مون تي تشدد ڪري معذور بڻايو، سيد صوبيه بتول شاهه نوشهروفيروز ٿاڻي تي والد غلام مصطفيٰ شاهه ، چاچي محمد علي شاهه، سئوٽن قربان شاهه، شهنشاهه ، عرفان شاهه ، مشتاق شاهه تي ڪيس داخل ڪرايو هو، اهو ڪيس نوشهروفيرز جي عدالت ۾ هلندڙ آهي.