ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گهرو وزير ضياءِ الحسن لنجار سنڌ بار ڪائونسل ۾ وال آف پيس اينڊ صوفي ازم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ صوفين ۽ امن جي ڌرتي آهي، وال آف پيس اينڊ صوفي ازم جو قيام ڀائيچاري ۽ رواداري جي علامت آهي, هن چيو ته صوفياڻي تعليم ئي معاشري ۾ حقيقي امن جي ضامن آهي, سنڌ جي سڃاڻپ امن, محبت ۽ صوفي ازم جي پيغام سان آهي, هن چيو ته صوفي ازم انسانيت برداشت ۽ يڪجهتي جو درس ڏئي ٿيو، افتتاحي تقريب ۾ وڪيل اڳواڻ قربان ملاڻو، اياز تنيو، اشتياق ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا