صوفياڻي ڪلام ۾ منفرد انداز رکندڙ علڻ فقير جي وڇوڙي کي 22 سال مڪمل

جُولاءِ 4, 2023

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) صوفياڻي ڪلام ۾ پنهنجو منفرد انداز رکندڙ فنڪار علڻ فقير جي وڇوڙي کي 22 سال گذري ويا، اڄ سندس ورسي ملهائي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي

علڻ فقير جي نالي سان شهرت ماڻيندڙ صوفي راڳي علي بخش 1932 ۾ آمري شهر ۾ اک کولي، 4 جولاءِ 2000ع تي هو هميشه لاءِ وڇڙي ويو

علڻ فقير سنڌي زبان جو ناميارو فنڪار ٿي گذريو آهي جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي وائي اهڙي انداز ۾ ڳائي جو جنهن هن فقير کي امر ڪري ڇڏيو

علڻ فقير هڪ گانو محمد علي شهڪي سان گڏ ڳايو جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو، هن گاني جا ٻول هيا تيري عشق مين جو ڀي ڊوب گيا اسي دريا ڪي لهرون سي ڊرنا ڪيا

جيڪي ميهار ميهار ڪن ڙي اديون، تن کي لهر لوڏيندي ڪين نه ڪي، ٻولي منهنجي، او تڏهن ملنداسين سميت ڪيترائي گيت اڄ به سندس ياد تازي ڪري ٿا ڇڏن

علڻ فقير يڪتاري تي ڪيتريون وايون ڳائي ڏيھه توڙي پرڏيھ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، لباس ۾ هن جو خاص انداز پسند ڪيو ويندو هو

هن جو هڪ ملي نغمو اتني بڙي جيون ساغر مين تو ني پاڪستان ديا به ڏاڍو مشهور ٿيو، 1980 ۾ علڻ فقير کي صدارتي تمغو مليو

Leave A Comment