صوفي ازم فلسفو ۽ سائنسي ڄاڻ

آگسٽ 19, 2023

 صوفي ازم ھڪ روحاني يا مذھبي طريقو ۽ فلسفو آھي، جيڪو انساني تاريخ ۾ روايتي مذھبن جي غير لچڪداري ۽ مذھب اندر طبقاتي اجارہ داري خلاف ھڪ بغاوت جي تحريڪ طور اڀريو، جنھن انسان کي مذھب کان اتم ڄاتو. ھي مذھبي رواداري، عالمي امن ۽ انسانيت جي پرچار ڪندڙ صوفي ازم فلسفو بغير واسطي جي ڪائنات جي خلقڻهار تائين پھچڻ يا ھن ڪائنات جي سچائي کي سمجھڻ جي حمايت ڪري ٿو ۽ پاڻ کي ان آفاقي طاقت سان ڳنڍڻ يعني ڪائنات جي سچائيءَ سان ھم آھنگ ٿيڻ جو ڏس ڏئي ٿو. ھن مقصد لاءِ ھن فلسفي جا حامي عام رواجي حواسي معلومات ۽ تجربن بدران اڪثر ڪري ذاتي مراقبي، ڳوڙھي فڪر کي پنھنجي اڙانگي منزل تائين پھچڻ جو رستو ۽ ذريعو ڪري وٺندا آھن. صوفي ازم جو تصور ۽ فلسفو انساني تاريخ ۾ لڳ ڀڳ ھر مذھب ۽ ثقافت ۾ ملي ٿو.

                 صوفي ازم جون پاڙون مصر، ميسوپوٽاميا (عراق ۽ ڪويت) ۽ ھندوستان جي ھزارين سال قديم تھذيبن ۾ کتل آھن. انھن شروعاتي تھذيبن جا صوفي مخصوص عبادتن، مراقبي ۽ ھڪ طرفه ڳوڙھي سوچ وسيلي پاڻ کي ڪائنات جي خلقڻهار يا ڪائناتي قوت سان ڳنڍڻ لاءِ جاکوڙيندا ھئا ته جيئن ڪائنات جي آفاقي مطلق سچائي تائين پھچي سگھن. ھن ڌرتي تي صوفي ازم جو فلسفو مختلف مذھبن جھڙوڪ عيسائيت، اسلام، يھوديت، ھندومت ۽ ٻڌمت جي ڇٽين ھيٺ وڌيو ويجھو آھي. صوفي ازم جي اھم حامين ۽ نالن ۾ پلوٽينس (Plotinus)، رومي  (Rumi)، ايويلا جو ٽيريسا (Teresa of Avila) ۽ رامانوجا (Ramanuja) شامل آھن، جن ھن جي مخصوص شڪلين ۾ ارتقا ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.

ھن ڌرتيءَ تي مختلف ثقافتن، مذھبن ۽ سماجي نظرين جي اثر ھيٺ صوفي ازم جا پڻ مختلف رخ، شڪليون ۽ قسم مروج رھيا آھن. سنياسي صوفي ازم (Ascetic mysticism) دنياوي مسرتن کان انڪار ۽ پاڻ کي پيڙڻ وسيلي ڪائناتي سچائي سان جوڙڻ جي ڪوشش جو حامي آھي؛ فطرتي صوفي ازم (Nature mysticism)  وري فطرت جي سڀني شين ۽ لقائن کي مقدس ۽ محترم ھجڻ ۽ ڪنھن به جاندار کي نه ڏکائڻ وسيلي روحانيت جي معراج تائين پھچڻ جو درس ڏئي ٿو؛ مذھبي صوفي ازم وري پنھنجن پوئلڳن کي مذھبي عبادتن ۽ رياضتن وسيلي پنھنجي خدا سان ڳنڍڻ جي ڳالھ ڪري ٿو؛ جڏھن ته يھودي ۽ يوگي صوفي ازم روحاني تجربن جا اڃا به نرالا ۽ مختلف پاسا آڇين ٿا.

صوفي ازم جي بنيادي تصورن ۾ ڳنڍجڻ يا وحدت (Union)، روشن خيالي (Enlightenment) ۽ حواسي تجربن کان ماورائي موضوعي بصيرت (Transcendence)  اھم آھن. ڳنڍجڻ يا وحدت مان مراد ھڪ سچي صوفي جي اھا خواھش ته سندس روح يا شعور جيڪو آفاقي يا ڪائناتي سچائي جو ڪڏھن جزو ھو، اھو سندس  روحاني مشقتن جي وسيلي وري ان سان جڙي وڃي ته جيئن زندگي جا سڀ مقصد حاصل ٿي سگھن ۽ ڪائنات جا سڀ ڳجھ ان مٿان عيان ٿي سگھن. جڏھن ته روشن خيالي ۽ حواسي تجربن ۽ محسوسات کان اونھي ماورائي موضوعي بصيرت جي حاصلات مان مراد ھڪ صوفي جي اھا خواھش آھي، جنھن وسيلي سندس سوچ ۽ ذھن مان مقصد کان ھٽائيندڙ سڀ خيال، مادي شيون ۽ ماڻھن سان نفرتون ختم ٿي وڃن ۽ عام رواجي حواسي مشاھدن ۽ محسوسات جي ڀيٽ ۾ تمام گھرو موضوعي مشاھدو نصيب ٿي سگھي، جيڪو ھن جي شعور، ذھن ۽ روح کي  ڪائناتي سچائي سان روشن ڪري ڇڏي. ان لاءِ مختلف صوفي مراقبن، عبادتن، رياضتن ۽ مشقتن مان گذرڻ جا مختلف رستا اختيار ڪندا آھن. ھتي اھو ٻڌائڻ به ضروري آھي ته ڪنھن صوفيءَ کي جيڪڏھن اھڙو موضوعي (Subjective)  تجربو حاصل ٿيندو آھي ته اھو ايترو ته عميق ۽ ڳوڙھو ھوندو آھي، جيڪو ٻولي ۽ زبان سان بيان ڪرڻ کان مٿي ھوندو آھي.  ڪو ان کي تجلي چوندو آھي ته ڪو وري مورڳو زبان-بند بڻجي ويندو آھي.

صوفي ازم فلسفي تي ڪيترن ئي پاسن کان تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آھي. سڀ کان وڏي تنقيد صوفين جي مشقتن ۽ رياضتن جي نتيجي ۾ سندن حاصلات يعني روحاني مشاھدا ۽ سمجھ خالص موضوعي ھجڻ ڪري ان کي ٻيا ماڻھو ڄاڻڻ کان قاصر رھندا آھن. ھن تي ٻيو اعتراض اھو آھي ته صوفي ڪائناتي سچائي تائين پھچڻ جي ڊوڙ ۽ چڪر ۾ پنھنجي سماج کان ڪٽيل رھندا آھن. ٻين لفظن ۾ اھي سماج ۾ ظالم طبقي جي ناانصافين ۽ ڏاڍاين کان طوطا چشمي جو مظاھرو ڪندڙ بڻجي ويندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو صوفي غير شعوري طور مفاد پرست سرمائيدار ۽ ظالم طبقي جا هٿيار بڻجي استعمال ٿيندا رھيا آھن.

منھنجي ذاتي خيال مطابق ھڪ پاسي سچو صوفي بڻجڻ جو سفر انفرادي ۽ اڪيلي سر ھوندو آھي، جنھن ۾ ھڪ ماڻھو (صوفي) زماني ۽ دنيا جي غم دوران کي پاسيرو رکي نه رڳو پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائيندو آھي ۽ اھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ته ھو ڪير آھي، ھو ڇا آھي، ھو ڪٿان آيو آھي، سندس سوچ ڪيئن ٿي ڪم ڪري، سندس زندگي جو مقصد ڪھڙو آھي؟ پر ان سان گڏ ھو دنيا جھان بابت پڻ پروڙيندو آھي ته ڌرتي، چنڊ، وقت ۽ وٿي توڙي انيڪ تارا، سورج منڊل، ڪهڪشائون ڇا آھن، ڪيئن وجود ۾ آيون آھن، انھن جو مقصد ڇا آھي؛ انھن جو پيدا ڪرڻ وارو ڪو آھي يا اھي پاڻھي پيدا ٿيون آھن؟ جيڪڏھن انھن جو ڪو پيدا ڪندڙ آھي ته ڇا ھن وقت اھو ھن نظام ۾ مداخلت ڪري سگھي ٿو يا نه يا وري ڪندو ٿو رھي؟ ٻئي پاسي ھڪ سچو صوفي انسان، انسان جي سماجي نظامن، مذھبن يا عقيدن جي ابتدا، انھن جي ارتقا ۽ انھن جي آخري امڪاني صورت بابت ڳوڙھو اڀياس ڪندو آھي، جنھن لاءِ ھن کي پنھنجو من، قلب ۽ ذھن ھر ھڪ پراڻي ڳالھ کان صاف ڪرڻو پوندو اھي ته جيئن موزون نين حقيقتن ۽ نظرين جي تسليم ڪرڻ لاءِ ھن وٽ گنجائش پيدا ٿي سگھي. ھڪ صوفي پراڻن توڙي موجودہ نظرين، ريتن رسمن، ٻولين، ثقافتن ۽ مذھبن کي تنقيدي نظر سان پرکڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ھن وٽ ايترا ته وڏا نصب العين ھوندا آھن، جو ھو اھڙي اڙانگي منزل تي رسڻ جي رستي کي ئي پنھنجي منزل سمجھندو آھي ۽ جيڪڏھن ان سفر ۾ ھن کي ڪٿان ڪنھن ذري يا ماسي جيتري به ڪاميابي حاصل ٿيندي آھي ته اھو پوڄارو پر ۽ پراپت ٿي ويندو آھي. ھڪ صوفي ھن اڙانگي رستي تي ھلندي موجودہ سماجي نظامن جھڙوڪ مذھبن، ملڪن، ثقافتن، ٻولين، ريتن ۽ رسمن جي ڳوڙھي اڀياس وسيلي انھن جي خامين ۽ اندر جي کوکلي ھجڻ تائين جڏھن رسائي حاصل ڪري وٺندو آھي ته اڪثر ڪري انھن کان باغي ٿي بغاوت جو اعلان پڻ ڪندو آھي. نتيجي ۾ ھڪ سچو صوفي پنھنجي دور جي نام نھاد ڪرتن ڌرتن حڪمرانن يا مذھبي ٺيڪيدارن يا تنگ نظر قوم پرستن ۽ ريتن رسمن جي پاسدارن جي اک ۾ ڪنڊو ھوندو آھي. ھڪ صوفي جو سفر سدائين تنھا، اڪيلو ۽ انفرادي ھوندو آھي ۽ ان کي انفرادي ئي رھڻ گھرجي، ڇو ته ڳوڙھي سوچ جي بدولت اھو سماج جي اوڻاين تي ردعمل ڏيکاريندڙ ھوندو آھي، انڪري اھو سماج کي ظاھري طرح جوڙيندڙ نظرين ۽ لقائن کي فروغ ڏيندڙ نه رھي سگھندو آھي. ان ڪري منھنجي ذاتي خيال مطابق اڄ جي دور جو ھڪ سچو صوفي اھو آھي، جيڪو پنھنجي پنھنجي شعبي ۾ حقيقي معنيٰ ۾ ھڪ جاکوڙي محقق، سائنسدان، دانشور ۽ اھل علم ۽ صاحب ڪتاب ھجي، ڇو ته سائنسي ڄاڻ کان سواءِ انسان، انساني سماج ۽ ڪائنات کي سمجھڻ ناممڪن آھي.

Leave A Comment