صوفي فقير لڳ انوکي شادي، گهوٽ موٽرسائيڪل تي ڄڃ وٺي آيو

جنوري 20, 2025

صوفي فقير (ن پ ا) صوفي فقير لڳ راجارستي تي  انوکي شادي گھوٽ موٽرسائيڪل تي ڄڃ وٺي لانئون لھڻ لاءِ پهتو، خبر موجب ڳوٺ گھمن سنگھه ڀيل جو رھواسي سترام ڀيل موٽرسائيڪلن تي چڙهي شادي ڪرڻ لاءِ راجا رستي پهتو، جتي لائنون لهڻ بعد گهوٽ سائيڪل موٽرسائيڪل تي ڪنوار کي به ساڻ کڻي واپس ڳوٺ روانو ٿي ويو، گھوٽ سترام ڀيل جي ڄڃ کي ڏسڻ لاءِ ماڻھو روڊ جي ٻنهي پاسن کان گڏ ٿي مسڪرائيندا ۽ ھٿ لوڏي ڀليڪار ڪندا رھيا، سندس ڄڃ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي  وائرل ٿي وئي آهي، جنهن کي ماڻهن وڏي انگ ۾ پسند ڪيو آهي ته هن مهانگائي جي دور ۾ شاديون ائين ڪرڻ گهرجن، جيئن غريب ماڻهو احساس ڪمتري مان نڪري سادگي سان شاديون ڪري سگهن.

Leave A Comment