صوڀي ديري ۾ مقابلو، انعام رکيل ڌاڙيل سميت 2 ڄڻا گرفتار

جُون 5, 2023

خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس مقابلي دوران 10 لک انعام رکيل ڌاڙيل سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ڳجهي اطلاع تي صوڀو ديرو پوليس سڳيون لنڪ روڊ وٽ پهتي ته  هٿياربندن پوليس مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي جواب ۾ اهلڪارن به جوابي فائرنگ ڪئي

فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 10 لک رپيا انعام رکيل ڌاڙيل نفيس عرف پپو رند ۽ محمد فرحان زخمي ٿي پيا جن کي پوليس سوگهو ڪري ورتو

ايس ايڇ او صوڀو ديرو  دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ڪيل ڌاڙيل ڦرن، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن م گهربل هئا

پوليس موجب گرفتار ڪيلن وٽان هڪ ڪلاشنڪوف، ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، ڏوهارين کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ويو آهي

Leave A Comment