| ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي بابر مٿان ڏنڊ لاڳو: غلطي تسليم |
راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين بابر اعظم تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو،انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب بابر اعظم کي آءِ سي سي جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو مجرم قرار ڏنو ويو آهي.آءِ سي سي جي ضابطه اخلاق جي ليول ون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي بابر اعظم تي سندس ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو.سريلنڪا خلاف ٽئين ون ڊي جي 21 هين اوور ۾ آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ بابر اعظم بيٽ وڪيٽن ۾ هنئي هئي ، جيڪو آءِ سي سي جي ضابطه اخلاق جي آرٽيڪل 2.2 جي ڀڃڪڙي آهي.بابر اعظم کي ڊي ميرٽ پوائنٽ پڻ ڏنو ويو آهي.بابر اعظم پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ ميچ ريفري علي نقوي پاران تجويز ڪيل سزا قبول ڪئي،