| ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي: سدره امين تي ڏنڊ لڳي ويو |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي عورت بيٽسمين سدره امين کي ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ون ڊي ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي آءِ سي سي پاران ڏنڊا هنيو ويو آهي.آءِ سي سي جي هڪ بيان موجب بلوم فونٽين ۾ کيڏيل ميچ ۾ سدره امين رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف لاءِ ضابطه اخلاق جي آرٽيڪل 2.2 جي ڀڃڪڙي ڪئي، جيڪو ميچ دوران ڪرڪيٽ سامان يا گرائونڊ سامان سان نامناسب رويي سان لاڳاپيل آهي.اهو واقعو پاڪستان جي اننگز جي 24 هين اوور ۾ پيش آيو جڏهن سدره آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪاوڙ ۾ پنهنجو بيٽ زمين تي اڇلائي ڇڏيو.هن کي هن عمل لاءِ سرڪاري طور تي ڏنڊا ۽ هڪ ڊيميرٽ پوائنٽ ڏنو ويو. سدره امين پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ ميچ ريفري پاران تجويز ڪيل سزا قبول ڪئي،