ضلعي اي ڊي پي جا 120 ارب ڪٿي خرچ پيا ٿين؟ پي اي سي پاران ڊي سيز کان تفصيل طلب
جنوري 17, 2025
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي سمورن ضلعن جي ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن لاءِ مختص 120 ارب رپين جي خرچن جا لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کان تفصيل طلبي ورتا. پي اي سي چيف سيڪريٽري کي ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن لاءِ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر نوٽيفاءِ ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي. ڪالهه اجلاس ۾ ورڪس کاتي جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن ۽ انهن تي خرچ ڪيل رقم بابت تفصيل فراهم نه ڪري سگهيا، جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ورڪس کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته ضلعي اي ڊي پي رٿائن بابت پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر ڪير آهي؟ جنهن تي کاتي جي سيڪريٽري محمد علي کوسو ٻڌايو ته ضلعي اي ڊي پي اسڪيمون ڊپٽي ڪمشنر ٺاهيندا آهن، اهي ضلعي ڊولپمينٽ ڪاميٽين جا سربراهه پڻ آهن، ورڪس کاتي جو سيڪريٽري انهن رٿائن جو پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر ناهي. جنهن تي پي اي سي چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته ضلعي اي ڊي پي لاءِ بجيٽ ڪهڙي فارمولا تحت مختص ڪئي ويندي آهي؟ ضلعي اي ڊي پي ڪير منظور ڪندو آهي؟ جنهن تي ورڪس کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته ضلعي اي ڊي پي اسڪيمون ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي منظور ڪندي آهي ڪاميٽي ۾ ورڪس کاتي جا ايڪسين ، ايس اي ۽ مڪاني کاتي جو هڪ نمائندو شامل هوندو آهي، ناڻو کاتو ڊي سيز کي ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن لاءِ رقم فراهم ڪندو آهي، جنهن تي ناڻي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري ٻڌايو ته هيل سنڌ جي سمورن ضلعن لاءِ ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن لاءِ 120 ارب رپيا مختص آهن. پي اي سي چيئرمين چيو ته ضلعي اي ڊي پي لاءِ جوابده ڪير آهي؟ جنهن تي ورڪس کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته ضلعي اي ڊي پي لاءِ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جا اختيار ڪنهن کي به ڏيڻ لاءِ سمري خزاني واري کاتي کي موڪلي وئي آهي، سمري منظور ٿيڻ کانپوء طئه ٿيندو ته ضلعي اي ڊي پي لاءِ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر ڪنهن کي مقرر ڪيو وڃي؟ پي اي سي چيئرمين چيو ته2009ع کان طئه ناهي ٿيو ته ضلعي اي ڊي پي لاءِ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر ڪير هوندو؟ ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن تي اربين رپيا خرچ ٿيڻ جو معاملو آهي، جيڪڏهن ضلعي اي ڊي پي اسڪيمون ڊپٽي ڪمشنر ٺاهين ٿا ته پوءِ حساب به ڊپٽي ڪمشنر ڏين.