| ضلعي عدليه جي ملازمن جي الائونسز ۾ اضافو نه ڪرڻ تان چيف سيڪريٽري کان جواب طلب |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪمن باوجود ضلعي عدليه جي ملازمن جي الائونسز ۾ اضافو نه ڪرڻ تان چيف سيڪريٽري، ناڻي ۽ قانون وارن سيڪريٽرين ۽ اڪ ائونٽنٽ جنرل کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري 20 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو. سرڪاري وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن ڪري مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته مئي ۾ عدالتي حڪمن تي ٻن مهينن دوران عملدرآمد جو حڪم ڏنو هو، عدالت چيو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ پهريان ئي گهڻو وقت ڏنو ويو آهي، عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڪو به منع نامو ناهي ڏنو، اهڙي صورت ڌرين لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي. درخواستگذارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عدالت ضلعي عدليه جي ملازمن جا الائونسز هاءِ ڪورٽ جي ملازمن جي برابر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪمن جي باوجود ضلعي عدليه جي ملازمن جي الائونسز ۾ اضافو ناهي ڪيو ويو، هڪ ئي صوبي ۾ ملازمن ۾ فرق غير قانوني آهي.