ضلعي چيئرمين لاءِ نه رڳو اميدوار پر اهل به هئس: ارباب وزير ميمڻ

جُون 7, 2023

ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) پ پ ضلعي ٺٽي جي اڳوڻي صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ارباب وزير ميمڻ چيو آهي ته ضلعي ڪائونسل سجاول جي چيئرمين جو نه رڳو خواهشمند پر  اهل به هئس پارٽي قيادت جو فيصلو قبول آهي

پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن پاڻکي اهل سمجهندي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ درخواست ڏني هئي

هي به پڙهندا

سندس چوڻ هو ته شهيد ڀٽو ، شهيد بينظير ڀٽو ۽ هاڻ پارٽي جي هلندڙ ٽين پيڙهي سان پڻ گڏ آهيان ايستائين پارٽي جي چيئرمين کي وزير اعظم ڏسڻ تائين سندس زندگي جي ڏنل ساٿ تائين ساڻن گڏ هوندو

هن واضع ڪندي چيو ته کيس پارٽي گھڻو ڪجھه ڏنو آهي هو پارٽي جو ادنيٰ ڪارڪن آهي ۽ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ئي پارٽي ۽ ان جي فيصلن سان گڏ آهي

ارباب وزير ميمڻ وڌيڪ چيو ته هو گذريل 55 سالن کان پ پ سان گڏ آهي ۽ هن ڪڏهن به هڪ لمحي لاءِ پارٽي سان غداري ناهي ڪئي هميشه هن پارٽي سان وفا ڪئي آهي ۽ هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ئي پارٽي سان آخر تائين گڏ هوندو

Leave A Comment