تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

ضمانت ۽ قانون جو استحصال … ايڊووڪيٽ سوميه

ڪجهه وقت پھرين سيوھڻ جي ھڪ جج جي ڪنھن ڪيس ۾ ضمانت ٿي ھئي ته فيس بڪ جي ڪنھن پيج تي به لڳل ھئي، ماڻھن جا غير سنجيدہ ڪمنٽس ۽ عدليه تي ٿيل چٿرن مايوسي پيدا ڪئي، اڪثر ماڻھو قانون جي ڄاڻ نه ھئڻ باوجود به عدليه تي پيا رايا ڏيندا آھن. ضمانت جي درخواست ڏيڻ ھر جوابدار جو حق ھجي ٿو اوسيتائين جيستائين جوابدار تي ڏوهه ثابت نٿو ٿئي. اھڙو حڪم پاڪستان جو آئين، آرٽيڪل 10اسان کي ڏئي ٿو ته ڪنھن به ماڻھو کي حبس بيجا ۾ نٿو رکي سگھجي ۽ جوابدار کي 24ڪلاڪن اندر ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن جوابدار پنھنجي لاءِ قانوني مدد لاءِ وڪيل جي مدد ڪري ٿو ته هن جي به ان کي اجازت ھوندي. ان کان پوءِ عدالت ۾ جڏھن جوابدار پاڻ يا سندس وڪيل ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست ڏئي ٿو ته عدالت ڏسندي آھي ته آيا ضمانت ڏئي سگھجي ٿي يا نه ؛ جوابدار تي لڳل ايف آءِ آر جا قلم ضمات جوڳا آھن يا نه، مثلن قتل جو قلم ايف آءِ آر ۾ لڳل آھي ته اھو ضمانت جوڳو نه سھي ۽ اھڙي ڪيس ۾ ضمانت نه ملندي ءِ اھو ان صورت ۾ ته ظاھري طور عدالت جي سامھون اھا ڳالهه واضع ٿئي ته جوابدار قتل ۾ ملوث آھي ايتريون شاھديون ھجن جيڪي پوري اعتماد سان ثابتيون ڏين ته جوابدار ماڻھو قتل ڪيو آھي پر ضمانت جي درخواست داخل ٿيڻ تائين ثبوت نٿا اچن ته ضمانت ملي ويندي ۽ ان ڪيسن ۾ به ضمانت ملي ويندي آھي جيڪي ضمانت جوڳا ڪيس آھن مثلن جن قلمن جي سزا ۱۰ سالن کان گھٽ آھي ثابت ناھن ٿي سگھيا ايف آءِ آر ۽ پراسيڪيوشن جي ڪھاڻي يا ميڊيڪل رپوٽن ۾ تضاذ اچي يا اھو واضع نه ٿي سگھي ته جوابدار گناہه ۾ملوث آھي ۽ وڌيڪ جاچ جي ضرورت آھي ته ان صورت ۾ ضمانت ملي ويندي آھي.
عدالت ڇو ڪنھن بيگناهه کي حبس بيجا ۾ رکي اھو ضمانت جي قانون ۾ ئي لکيل آھي ته انڪوائري مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ يا ڪنھن ماڻھو کي ڦاسايو ويو ھجي جيئن ڪنھن جج کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو ھوته ضمانت ٿي ويندي. عدالت جا معزز جج پنھنجي مرضي سان ڪوبه فيصلو نٿا ڏئي سگھن ھو به قانون جي تابع آھن ته جن ڪيسن ۾ ضمانت ٿي سگھي ٿي ته ھو ڏيندا صرف ڪنھن جي خلاف ايف آءِ آر ڪراائڻ سان ڪير مجرم نٿو ٿي وڃي.ماڻھن کي ڄاڻ کان سواءِ ادارن تي ايئن چٿر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي . ڇو ته اھو ڏٽو ويو آھي ته ڪنھن کي ضمانت ملي ٿي نشانو عدالت کي ٺاھيو ويندو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *