ضمني چونڊن بعد تبديل ٿيل ‘نمبر گيم’ ۽ پ پ جي ڪمزور بارگيننگ پوزيشن … ايم بي سومرو

                 23 نومبر 2025 تي ملڪ اندر قومي اسيمبلي جي ڇهن ۽ صوبائي اسيمبلي جي ستن تڪن تي ننڍي چونڊ ٿي آھي، جنهن جا نتيجا سامهون اچي چڪا آھن. نتيجن مطابق قومي اسيمبلي جي ڇهن ئي تڪن تي مسلم ليگ نواز جا اميدوار ڪامياب ٿيا آھن، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي ستن تڪن مان به ڇهن تڪن تي مسلم ليگ (ن) ۽ هڪ تڪ تي پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ڪامياب ٿيو آھي. مطلب ته مخالف ڌر ۾ شامل ڪا به پارٽي ضمني چونڊن ۾ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهي آھي. جنهن مظفر ڳڙهه جي صوبائي تڪ تان پيپلزپارٽي جو اميدوار ڪامياب ٿيو آھي، اتي مسلم ليگ (ن) جو اميدوار نه بيٺل هو. انهيءَ پي پي 269 مظفر ڳڙهه تي پيپلزپارٽي جي ميان علمدار قريشي 55868 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، جڏهن ته آزاد اميدوار محمد اقبال خان 46320 ووٽ کڻي شڪست کاڌي آھي. ضمني چونڊن جي نتيجن بعد مسلم ليگ (ن) خوشيون ملهائڻ سان گڏ ان کي پي ٽي آءِ جي بري شڪست قرار ڏئي رهي آھي.

                 ڏسجي ته پي ٽي آءِ ٻن تڪن تي عملي طور تي ضمني چونڊن ۾ مقابلو ڪيو آھي، جن ۾ اين اي 18 هري پور، جتان اڳوڻي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جي شريڪ حيات شهناز عمر ايوب 120220 ووٽ کڻي هارايو آھي ۽ ن ليگ جي بابر نواز 163996 ووٽ کڻي سوڀ حاصل ڪئي آھي. ٻيو تڪ آھي لاهور اين اي 129 جتي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار کي شڪست ٿي آھي. باقي تڪن تي پي ٽي آءِ عملي طور تي حصو وٺندي ئي نظر نه آئي. ان عمل حڪمران اتحاد جي سوڀ کي آسان بنائي ڇڏيو. سوال هي پيدا ٿي ٿو ته ضمني چونڊن جي نتيجن کي حڪمران اتحاد جي مقبوليت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين خاص طور تي پي ٽي آءِ جي عوام ۾ مقبوليت گهٽجڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ منهنجي خيال ۾ ضمني چونڊن جي نتيجن کي نه حڪمران اتحاد جي مقبوليت قرار ڏئي سگهجي ٿو، نه ئي انهن نتيجن کي پي ٽي آءِ جي عوام ۾ مقبولت گهٽجڻ تصور ڪري سگهجي ٿو.

اوهان کي ٻڌايان ته قومي اسيمبلي جي ڇهن تڪن تي ٿيل ضمني چونڊ دوران ڪل رجسٽرڊ ووٽرن مان ڪنهن به تڪ تي پنجاهه سيڪڙو ووٽر به ووٽ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نه نڪتا آھن. اين اي 104 فيصل آباد ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن مان رڳو 13.23 سيڪڙو ووٽرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو. مطلب ته انهي تڪ تي 86.77 سيڪڙو ووٽرن ووٽ جو حق ئي استعمال نه ڪيو آھي. اين اي 129 ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن رڳو 18.67 سيڪڙو ئي ووٽرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو. مطلب پنجاب جي گادي واري شهر جي انهيءَ تڪ تي 81.33 سيڪڙو ووٽرن ووٽ جو حق ئي استعمال ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. ائين اين اي 18 هري پوري تي ڪل رجسٽرڊ ووٽرن مان 57.91 سيڪڙو، اين اي  96 فيصل آباد ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن مان 73.54 سيڪڙو، اين اي 143 ساهيوال 78.58 سيڪڙو، اين اي 185 ڊي جي خان ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن مان 67.39 سيڪڙو ووٽرن ووٽ جو حق ئي استعمال نه ڪيو آھي. ايتري گهٽ  ٽرن آئوٽ اچڻ تي ته حڪمرانن کي پريشان ٿيڻ گهرجي. دهل وڄائي نچڻ بجاءِ جمهوريت تان عوام جي اعتماد ۾ ايتري حيرتناڪ حد تائين گهٽتائي تي فڪرمند ٿيڻ گهرجي. اگر تصور ڪجي ايترو گهٽ ٽرن آئوٽ پي ٽي آءِ سوڌو مخالف ڌر جي چونڊن کان لاتعلقي سبب ٿيو آھي ته پوءِ پي ٽي آءِ سميت مخالف ڌر جون پارٽيون ته حڪمران اتحاد جي پارٽين کان وڌيڪ مقبول تصور ڪري سگهجن ٿيون. اگر ايترو گهٽ ٽرن آئوٽ اليڪشن جي شفافيت تي اعتماد نه هجڻ ڪري ٿيو آھي ته اهو مامرو ته ملڪ اندر جمهوريت جي مستقبل بابت ڀيانڪ آھي. ڇا انهن رخن کي نظرانداز ڪري سوڀ جا شادمانا وڄائڻ سياسي بالغ نظري ۽ عقلمندي ٿي سگهي ٿي؟

گهٽ ٽرن آئوٽ جي ڳالھ رڳو قومي اسيمبلي جي تڪن تائين محدود ناهي پر پي پي 73 سرگوڌا ۾ 34.45 سيڪڙو، پي پي 87 ميانوالي تي 27 سيڪڙو، پي پي 98 فيصل آباد ۾ 36.82 سيڪڙو، پي پي 115 فيصل آباد تي 22.73 سيڪڙو، پي پي 116 فيصل آباد ۾ 22.94 سيڪڙو، پي پي 203 ساهيوال ۾ 22.41 سيڪڙو، پي پي 269 مظفر ڳڙهه تي 50.82 سيڪڙو ووٽرن ووٽ جو حق ادا ڪيو. مطلب مظفر ڳڙھ واري صوبائي تڪ کانسواءِ باقي تڪن تي ستر کان اسي سيڪڙو ووٽرن صوبائي تڪن تي به ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو آھي. اگر پي ٽي آءِ سوڌو ٻيون مخالف ڌر جون پارٽيون چونڊ ۾ حصو وٺن ۽ رجسٽرڊ ووٽرن جي اڪثريت پولنگ تي اچي ووٽ ڪاسٽ ڪري ته پوءِ چونڊ نتيجا ڪهڙا هوندا، ان جو اندازو ڪرڻ ڪنهن لاءِ به مشڪل ناهي پر پوءِ به ڏينهن جي روشني وانگر چٽي صورتحال اسان جي حڪمرانن کي نظر ڇو نٿي اچي؟ ڇو اهي اکيون بند ڪري انهيءَ مامري کي حقيقت سمجهي پاڻ کي ڪوڙي دلاسي ڏيڻ جهڙي فريب ۾ مبتلا نظر اچي رهيا آھن؟

خير ضمني چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ ڀلي ڪيترو به گهٽ ٿيو هجي پر انهن چونڊ نتيجن قومي اسيمبلي ۾ حڪمران اتحاد جي سگھ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي. ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) پاران 6 قومي اسيمبلي جون سيٽون حاصل ڪرڻ بعد هاڻي ن ليگ جي مرڪز ۾ به حڪومت قائم رکڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي محتاجي ختم ٿي وئي آھي. هاڻي پيپلزپارٽي جي حمايت کانسواءِ ئي وفاق ۾ ن ليگ جي ڪمزور سهي پر پيپلزپارٽي جي حمايت کانسواءِ سادي اڪثريت واري حڪومت قائم رهي سگهي ٿي.

اوهان کي ٻڌايان ته هن وقت مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو تعداد 126 آھي. ڇهن نون چونڊيل ميمبرن جي حلف بعد ن ليگ جي قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جو تعداد وڌي 132 ٿي ويندو. ائين ايم ڪيو ايم 22، مسلم ليگ (ق) جا پنج، استحڪام پاڪستان پارٽي چار، آزاد چار، مسلم ليگ ضياءُ، بي اي پي ۽ نيشنل پارٽي جي هڪ هڪ ميمبر کي ملائي مجموعي طور تي پيپلزپارٽي کانسواءِ قومي اسيمبلي ۾ حڪمران اتحاد جي ميمبرن جو تعداد 170 ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته وفاق ۾ سادي اڪثريت واري حڪومت قائم رکڻ لاءِ 169 ميمبرن جي حمايت درڪار هوندي آھي.

سوال هي آھي ته ڇا ضمني چونڊن جا اهي نتيجا ڪنهن رٿابندي تحت سامهون آيا آھن؟ سوال اهو به آھي ته ڇا قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي کان ن ليگ جي محتاجي ختم ٿيڻ پويان به ڪا رٿابندي آھي؟ اهي اهڙا سوال آھن، جن جو جواب ته درست نموني ايندڙ وقت ئي ڏئي سگهي ٿو پر مرڪز ۾ حڪومت قائم رکڻ ۾ پيپلزپارٽي جي محتاجي ختم ٿيڻ سان ملڪي سياسي منظرنامي مان پيپلزپارٽي جي بارگيننگ پوزيشن ڪمزور ٿي آھي. هاڻي اگر طاقتور ڌرين يا مسلم ليگ (ن) سان ڪنهن مامري تي پيپلزپارٽي ضد ڪري بيهي ٿي ته طاقتور ڌريون ۽ ن ليگ جي حڪومت پيپلزپارٽي جي حمايت کانسواءِ آئين ۾ ڪا ترميم ته نه ڪري سگهندي پر پيپلزپارٽي جي حمايت نه ڪرڻ باوجود وفاقي حڪومت قائم رهي سگهي ٿي. پيپلزپارٽي جي طاقتور ڌرين ۽ ن ليگ سان اختلافن جي صورت ۾ پيپلزپارٽي جو صدارتي عهدو، ڊپٽي اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين جو عهدو ۽ پنجاب، ڪي پي ڪي صوبن ۾ گورنرن جا عهدا خطري ۾ پئجي ويندا ۽ اختلافن جي صورت ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ 1990 واري ڏهاڪي وارو اختلافن ۽ انتقامي ڪاررواين جو دور به وري سگهي ٿو پر اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ کان اڳ ن ليگ ۽ طاقتور ڌرين کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ اندر پي ٽي آءِ ڪري جيڪا سياسي ڇڪتاڻ جي صورتحال قائم آھي، ڇا انهيءَ صورتحال ۾ پيپلزپارٽي سان الجهڻ وارو خطرو کڻي سگهجي ٿو! اگر طاقتور ڌرين ۽ ن ليگ حڪومت کي آئين ۾ وڌيڪ ترميمن جا بل منظور ڪرائڻا آھن ۽ ملڪ اندر سياسي رساڪشي کي وڌائي وڻ ناهي ڪرڻو ته پوءِ پيپلزپارٽي سان جيئن مامرا هلن پيا، ائين هلايا ويندا پر ضمني چونڊن بعد هڪ منظر نامو اهو به پيدا ٿي سامهون اچي سگهي ٿو ته حڪمران جماعت ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل حڪمت عملي سان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ڪردار ۾ نئين اٿل پٿل ٿي سگهي ٿي. ائين ٿي سگهي ٿو ته پيپلزپارٽي حڪمت عملي تحت اپوزيشن جي بينچن تي ويهڻ جو فيصلو ڪري ۽ مولانا فضل الرحمان کان حمايت وٺڻ ۾ پيپلزپارٽي ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو پيپلزپارٽي کي ملي سگهي ٿو. بظاهر ان سان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو عهدو به موجوده حڪمران اتحاد وٽ اچي ويندو ۽ آئين تحت نئين چيف اليڪشن ڪمشنر، اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرن جي مقرري به پوءِ موجوده حڪمران اتحاد جون پارٽيون ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪنديون ۽ ائين نگران وزير اعظم جي مقرري به انهن جي مرضي سان ٿيندي. ائين بظاهر پي ٽي آءِ کي اسيمبلي اندر ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه رهندي، پر اهو مامرو ايترو به سولائيءَ سان طئه نه ٿيندو. پيپلزپارٽي مرڪز ۾ اهم آئيني عهدا پاڻ وٽ رکي مخالف ڌر جي اڳواڻ جو عهدو ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿي، ائين ڪرڻ سان ڇا سياست جي ٿوري به ڄاڻ رکندڙ ناني ويڙهي جهڙي حڪمت عملي کي سمجهي نه ويندا؟ اهو ئي سبب آھي ته اهڙي صورتحال مولانا فضل الرحمان جي اهميت ۾ اضافو به ڪري سگهي ٿي ۽ سينيٽ جون واڳون پيپلزپارٽي جي هٿن مان به کسجڻ يا مرڪز ۾ تبديلين جو سبب ٿي سگهي ٿي.