| ضمني چونڊن جي نتيجن تي خدشا، ڳڻتي جوڳو گهٽ ٽرن آئوٽ رهيو: فافن جي رپورٽ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ضمني چونڊن بابت فافن رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ضمني چونڊون مجموعي طور مناسب طريقي سان منظم ٿيون، چونڊ مهم جي پابندين جي لڳاتار ڀڃڪڙي سامهون آئي۔ نتيجن جي شفافيت ۾ کوٽ ۽ پريشان ڪندڙ حد تائين گهٽ ووٽر ٽرن آئوٽ رڪارڊ ٿيو۔ چونڊ مهم جي پابندين تي ڪمزور عملداري هڪ مستقل مسئلو رهي۔ رپورٽ مطابق فافن جي 238 مشاهدي وارين پولنگ اسٽيشنن جي ويجهو گهٽ ۾ گهٽ 465 سياسي جماعتن جا ڪيمپ لڳل مليا۔ 184 مشاهدي وارين پولنگ اسٽيشنن تي ووٽرن کي ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي پئي وئي۔ 98 سيڪڙو مشاهدي وارن پولنگ بوٿن ۾ بيلٽ باڪس جا سڀ چار گهربل سيل صحيح حالت ۾ موجود هئا۔ 96 سيڪڙو بوٿ ۾ سيڪريسي اسڪرينون صحيح نموني نصب ٿيل هيون۔ مبصرن بوٿ تي پولنگ کي منظم ۽ پرامن قرار ڏنو۔ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسرن بيلٽ پيپر جاري ڪرڻ جو صحيح طريقو اختيار ڪيو۔ رپورٽ مطابق 29 سيڪڙو مشاهدي وارن بوٿن تي پريزائيڊنگ آفيسرن اڳواٽ بيلٽ پيپرن تي صحيحون ڪيون هيون۔ 28 سيڪڙو بوٿن تي بيلٽ پيپر اڳواٽ مهر ٿيل هئا۔ هي عمل غيرقانوني ته ناهي پر بيلٽ جي غلط استعمال جا خدشا وڌائي سگهي ٿو۔ 6 مشاهدي وارين پولنگ اسٽيشنن تي پريزائيڊنگ آفيسرن پولنگ ايجنٽن کي فارم 45 فراهم نه ڪيو۔ 19 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن تي فارم 45 ٻاهران به نه لڳايو ويو۔ 19 سيڪڙو اسٽيشنن تي فارم 46 پولنگ ايجنٽن کي نه ڏنو ويو۔ 43 سيڪڙو مشاهدي وارين پولنگ اسٽيشنن تي پريزائيڊنگ آفيسرن پولنگ ايجنٽن کان فارم تي صحيحون نه ڪرايون۔ فافين جي رپورٽ مطابق مجموعي ٽرن آئوٽ مرد ۽ عورتن ٻنهي لاءِ صرف 23 سيڪڙو رهيو۔ صرف هڪ تڪ اهڙو هو، جتي ٽرن آئوٽ 50 سيڪڙو کان مٿي رڪارڊ ٿيو۔ رپورٽ موجب 97 سيڪڙو پولنگ ايجنٽن پولنگ جي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔ ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ انٽرويو ڪيل سڀ 137 پولنگ ايجنٽن گڻپ واري عمل تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو.