| ضمني چونڊ ۾ ڪاميابي: ن ليگ کي حڪومت ۽ قانونسازي لاءِ پ پ جي محتاجي ختم: ٻين اتحادين وسيلي سادي اڪثريت |
لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) ضمني چونڊن ۾ سموريون قومي ۽ 7 مان 6 صوبائي سيٽون ٻهاري ورتيون، پارٽي کي پيپلز پارٽي کانسواءِ به ٻين اتحادين جي مدد سان قومي اسيمبلي ۾ سادي اڪثريت حاصل ٿي وئي. ن ليگ کي قانونسازي ۽ حڪومت سازي لاءِ پيپلز پارٽي جي ضرورت نه رهي آهي. هڪ ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي 6 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 7 سيٽن تي ٿيل ضمني چونڊن جا مڪمل نتيجا سامهون اچي ويا، تحريڪ انصاف جي ڇڏيل تقريبن سمورين سيٽن تي(ن) جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا. (ن) ليگ قومي اسيمبلي جي سمورين 6 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جون به 7 مان 6 سيٽون (ن) ليگ جي حصي ۾ آيون. پيپلز پارٽي صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. سڀ کان وڏو اپ سيٽ هري پور جي تڪ اين اي 18 ۾ ٿيو جتي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار شهرناز عمر ايوب پنهنجي مڙس جي کٽيل سيٽ نه بچائي سگهي. کيس 43 هزار 776 ووٽن تان شڪست ملي. غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جي بابر نواز خان هڪ لک 63 هزار 996 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته شهرناز عمر ايوب هڪ لک 20 هزار 220 ووٽ حاصل ڪري سگهي. اين اي 129 لاهور جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ(ن) جو حافظ ميان محمد نعمان 63 هزار 441 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار ارسلان احمد 29 هزار 99 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اها سيٽ پي ٽي آءِ جي ميان اظهر جي وفات سبب خالي ٿي هئي. اين اي 185 ڊيره غازي خان 2 ۾ به (ن) ليگ جي محمود قادر خان 82 هزار 416 ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو جڏهن ته پيپلز پارٽي جو دوست محمد کوسه 49 هزار 262 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو. اين اي 143 ساهيوال 3 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب مسلم ليگ (ن) جو محمد طفيل جٽ هڪ لک 36 هزار 223 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. آزاد اميدوار ضرار اڪبر چوڌري صرف 13 هزار 220 ووٽ کنيا. اين اي 104 فيصل آباد 10 تي ن ليگ جو دانيال احمد 52 هزار 791 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته آزاد اميدوار رانا عدنان جاويد 19 هزار 262 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي 96 فيصل آباد جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب (ن) ليگ جو بلال بدر چوڌري 93 هزار 9 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. بلال بدر چوڌري مملڪتي وزير طلال چوڌري جو ڀاءُ آهي.پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 98 ميانوالي ۾ مسلم ليگ (ن) جو اميدوار علي حيدر نور خان نيازي 67 هزار 986 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار محمد خان نيازي 3 هزار 310 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. پي پي 98 فيصل آباد 1 مان (ن) ليگ اميدوار علي تبسم 44 هزار 388 ووٽن سان ڪاميابي ماڻي آزاد اميدوار محمد اجمل 35 هزار 245 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. پي پي 115 فيصل آباد 18 تي (ن) ليگ جي محمد طاهر پرويز کي 49 هزار 49 ووٽ مليا جڏهن ته آزاد اميدوار محمد اصغر صرف 18 هزار 98 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. پي پي 116 فيصل آباد 19 تي (ن) ليگ جو احمد شهريار 48 هزار 824 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته آزاد اميدوار ملڪ اصغر علي قيصر 11 هزار 429 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. احمد شهريار وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله جو ناٺي آهي. پي پي 203 ساهيوال 6 تي مسلم ليگ (ن) جو محمد حنيف 46 هزار 900 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته آزاد اميدوار فلڪ شير 10 هزار 895 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. سرگوڌا پي پي 73 تان (ن) ليگ جو سلطان علي رانجها 71 هزار 770 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته آزاد اميدوار مهر محسن رضا 12 هزار 970 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. پي پي 269 مظفر ڳڙهه 2 تي (ن) ليگ کي ناڪامي ٿي پيپلز پارٽي جو ميان علمدار عباس قريشي 55 هزار 611 ووٽ حاصل ڪري کٽي ويو.
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن ٻين اتحادي جماعتن جي مدد سان پيپلز پارٽي کان سواءِ به سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن 132 ميمبرن سان سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي. پيپلز پارٽي 74 ميمبرن کان بغير حڪمران اتحاد جي ميمبرن جي تعداد 170 ٿي وئي آهي. مسلم ليگ 132، ايم ڪيو ايم 22، مسلم ليگ ق 5، استحڪام پاڪستان پارٽي 4، مسلم ليگ ضياء، نيشنل پارٽي ۽ باپ پارٽي جو هڪ هڪ ميمبر، جڏهن ته چار آزاد ميمبر به حڪمران اتحاد جو حصو آهن. قومي اسيمبلي ۾ وڌيڪ 6 سيٽون حاصل ڪرڻ کان پوءِ مسلم ليگ ن جون مجموعي سيٽون 132 ٿي ويون آهن. پيپلز پارٽي سميت حڪمران اتحاد جون گڏيل سيٽون 244 ٿي ويون آهن. ن ليگ جو ايوان ۾ سادي اڪثريت لاءِ پيپلزپارٽي تي ڀاڙڻ ختم ٿي ويو. حڪمران جماعت پيپلزپارٽي کانسواءِ ٻين اتحادي پارٽين سان گڏجي قانونسازي ڪري سگهندي، ن ليگ کي 336 ميمبرز تي ٻڌل اسيمبلي ۾ 170 ميمبرز جي سادي اڪثريت حاصل هوندي، ننڍي چونڊ بعد قومي اسيمبلي ۾ سني اتحاد ڪونسل 80، پيپلزپارٽي 75 ۽ جي يو آءِ جون 10 سيٽس آهن