ضياءَ دور خوفناڪ هو، ڀٽو کي هٽائي ڦاهي ڏني وئي، سپريم ڪورٽ استعمال ٿي: جسٽس اطهر من الله

جنوري 20, 2025

لاهور(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ آمراڻو دور جنرل ضياءَ جو هو، ذوالفقار ڀٽو کي هٽائي ڦاهي چاڙهيو ويو. سپريم ڪورٽ استعمال ٿي، ڪيترن ئي سالن بعد سپريم ڪورٽ پاڻ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته پاڪستان ۾ طاقت جي زور تي اقتدار تي قبضو ڪيو وڃي ٿو، ضياءَ الحق جو دور سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ هو، ٽارچر سيل ٺاهيا ويا، ماڻهن کي مهينن تائين قيد رکيو ويو، لاهور جي شاهي قلعي ۾ سياسي ريلي ڪڍڻ تي ماڻهن کي تشدد جو بڻايو ويو، جنرل ضياءَ سريلنڪا جي حڪومت کي درخواست ڪئي ته سندس ڌيءُ هاٿي جو ٻچو رکڻ گهري ٿي، اها هڪ حڪومت جي ٻئي ملڪ جي حڪومت کي درخواست هئي، هاٿي به انسانن جيان تمام گهڻي حساس هوندي آهي، 3 سالن جو هاٿي جو ٻچو سريلنڪا کان پاڪستان آيو ۽ هڪ بيڪ يارڊ ۾ رکيو ويو، هاٿي جو ٻچو وڏو ٿيو ته فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد ۾ چڙيا گهر ٺاهي اتي رکيو وڃي، جسٽس اطهر من الله چيو ته بني گالا جي خوبصورتي کي داغدار ڪرڻ تي افسوس آهي، هڪ ٽائون پلانر جانورن لاءِ مختص ڪيل بهترين هنڌ کي اشرافيا رهائشگاهه ۾ تبديل ڪري قدرتي خوبصورتي کي نقصان پهچايو، جهڙي طرح انساني حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ٿو، اهڙي طرح جانورن جي حقن جي تحفظ لاءِ به سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، زندگي قيمتي آهي، ڀلي اها انسانن جي هجي يا جانورن ۽ ٻوٽن جي هجي، جبري گمشدگين ۽ قيدين جي حقن ۽ بنيادي انساني حقن جي حوالي سان ڪيترائي اهم ججمينٽس ڏنا آهن، جبري گمشدگين جي ڪيسز کي سمجهون ٿا

Leave A Comment