ضياءَ لنجار جي گهر تي حملو دهشتگردي: سنڌ اسيمبلي پاران جوابدارن خلاف ڪارروائي جو ٺهراءُ منظور

مَي 23, 2025

ڪراچي)رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي موري ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءِ الحسن لنجار جي گهر تي حملي واري واقعي کي دهشتگردي قرار ڏئي ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ ۽ ضياءِ لنجار سان يڪجهتي وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، خضدار ۾ اسڪول بس تي ٿيل حملي خلاف ۽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪري شهيد بينظير ڀٽو ايئرپورٽ رکڻ وارا ٺهراءُ به منظور ڪيا ويا، ڪالهوڪي اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني موري ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو گهر ساڙڻ واري واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي وارو ٺهراءُ پيش ڪيو ، سمورن ميمبرن ايوان ۾ اٿي بيهي گڏيل طورتي اهو ٺهراءُ پاس ڪيو، ان موقعي  تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي گهر تي حملو ڪري اتي موجود ماڻهن کي ڪيترن ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ويو، اها وڏي دهشتگردي آهي، هن چيو ته اهڙو حملو ڪنهن جي به گهر تي ٿي سگهي ٿو، انهي ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪئنالن واري معاملي دوران به پر تشدد احتجاج جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻي ڪئنال  مسئلو حل ٿيڻ  باوجود موري ۾ احتجاج ڪيو ويو، اسان چئون ٿا مسئلو هجي يا نه هجي، احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر مين روڊ بند ڪرڻ ۽ گار گند ڪرڻ کي حق سمجهڻ غلط آهي  صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته گهرو وزير جو گهر ساڙڻ معمولي واقعو ناهي، انهي پٺيان ملڪ دشمن قوتون ملوث آهن جيڪي سنڌ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهين ٿيون، گهرو وزير جي گهر کي ٽارگيٽ ڪرڻ لاءِ  پابندي مڙهيل تنظيمن کي استعمال ڪيو ويو، جيڪا ملڪ دشمنن جي ئي سازش ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته انڊيا پاران پاڪستان ۾ پراڪسي وار شروع ڪئي وئي آهي، بلوچستان ۾ پراڪسي وار هلي پئي، بلوچستان ۾ بس سڙڻ وارو واقعو ٿيو. منهنجو موقف آهي ته ضياء الحسن لنجار جي گهر تي حملو ٿيو، ان ۾  ملڪ خلاف ڪا سازش شامل آهي. هن چيو ته سنڌو سڀني جي ماءُ آهي، انهي لاءِ ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، سوشل ميڊيا تي غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي فيڪٽري لڳل آهي. سنڌ جو نوجوان ان ڊائريڪٽڊ ميزائل ٿيندو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته هي مسئلو ضياءِ الحسن لنجار جو نه پر اسان سڀني جو مسئلو آهي، ايم ڪيو ايم پاران ٺهراءُ جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا. جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد فاروق چيو ته گھرو وزير جي گهر تي حملي جي مذمت ڪندي ٺهراءُ جي حمايت  ڪريون ٿا، واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، پي ٽي آءِجي  اويس  ٺهراءُ جي حمايت ڪندي چيو ته واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجر موجود آهن، واقعي ۾ ملوث ڪردارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ها. اهڙي طرح پ پ ايم پي اي سعديه  جاويد خضدار ۾ اسڪول بس تي ٿيل دهشتگردي واري واقعي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو پڻ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. جڏهن ته پ پ ايم پي اي فاروق اعواڻ جو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪري  شهيد بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ رکڻ وارو ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو ويو.

موري واقعي جا جتوئي ڀائرن خلاف من گهڙت ڪيس داخل ٿيا: جي ڊي اي

ڪراچي:  جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سيد زين شاهه ۽ سردار عبدالرحيم چيو آهي ته سنڌ حڪومت موري واقعي کي بنياد بڻائي  مير مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي خلاف ناحق ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، اسان پاڪستان جي چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪريون ٿا ته مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي خلاف داخل ٿيل من گهڙت ايف آءِ آر جو نوٽيس وٺي انصاف مهيا ڪن ، هڪ بيان ۾ جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي عوامي حمايت کان محروم ٿي چُڪي آهي، موري ۾ پوليس هٿين خالي سياسي ڪارڪنن ۽ عام شهرين تي گوليون هلائي کين شهيد ۽ زخمي ڪيو، هنن چيو ته موري ۾ اهو سڀ ڪجهه هڪ سازش تحت ڪيو ويو ته جيئن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف هلندڙ پرامن تحريڪ کي سبوتاژ ڪري سگهجي.

جتوئي ڀائر ملوث آهن يا نه ؟ جي آءِ ٽي جوڙينداسين: لنجار

ڪراچي: گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته موري واقعي جي ٽه رُخي جاچ ٿي رهي آهي، جتوئي ڀائر ملوث آهن يا نه ؟انهي تي جي آءِ ٽي جوڙينداسين سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو  ته شروعاتي ڄاڻ جي بُنياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي آهي،  مورو واقعي جي جاچ ۾ جيڪو به بيگناهه ثابت ٿيو،  اُن کي ڇڏيو ويندو، جيڪو به ڏوهاري ثابت ٿيو ته اُن خلاف ايڪشن کنيو ويندو….

 

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ