| طئي ٿيل مدي باوجود افغان حڪومت دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي: پاڪستان |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت چيو آهي ته افغان طالبان عبوري حڪومت ۾ پاڪستان مخالف لابي سرگرم آهي، طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پاڪستان تي دهشتگرد حملن ۾ اضافو ٿيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور 7 نومبر تي استنبول ۾ ختم ٿيو. پاڪستان چاهي ٿو ته ٻطرفي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن. ترجمان چيو ته پاڪستان جو بنيادي مسئلو افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي آهي ۽ پاڪستان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسان دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ حامين خلاف فيصلائتي ڪارروائي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي سبب فوجي ۽ شهري جاني نقصان باوجود وڏي صبر جو مظاهرو ڪيو. چئن سالن تائين دهشتگرد ڪاررواين جي باوجود جوابي ڪارروائي نه ڪئي وئي. پاڪستان کي اميد هئي ته طالبان افغانستان ۾ موجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪندا، پر گذريل چئن سالن ۾ پاڪستان طرفان سٺن تعلقن لاءِ ڪوششن باوجود طالبان حڪومت صرف وعدا ڪندي رهي ۽ عملي قدم نه کنيا. هن چيو ته پاڪستان جو هميشه مقصد رهيو آهي ته افغانستان کي مستحڪم ۽ پرامن ملڪ بڻجڻ ۾ مدد ڏجي. پاڪستان افغانستان کي ٻطرفي واپار، تعليم ۽ علاج لاءِ ويزا ۾ سهولتون به ڏنيون، پر ان جي باوجود طالبان حڪومت عملي طور ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي.