| طارق جهانگيري جا چيف جسٽس ۽ سنگل بينچ وارا اعتراض رد: ڪراچي يونيورسٽي کان رڪارڊ طلب |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف مبينا جعلي ڊگري ڪيس ۾ جج جا ٻه اعتراض رد ڪري ڇڏيا. عدالت گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. ايندڙ ٻڌڻي تي يونيورسٽي کي ڊگري جي مڪمل رڪارڊ سميت جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ واري درخواست به رد ڪئي وئي آهي. جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف مبينا جعلي ڊگري ڪيس جي گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. عدالت جسٽس طارق محمود جهانگيري طرفان سنگل بينچ بدران ڊويزن بينچ ٺاهڻ بابت اٿاريل اعتراض رد ڪري ڇڏيو آهي. لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج جي ڊگري بابت سنگين الزام لڳايا ويا آهن، معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي انتظامي اختيار تحت ٻه رڪني بينچ جوڙي وئي آهي. بينچن جي جوڙجڪ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جو صوابديدي اختيار آهي ۽ خاص بينچ جي تشڪيل ڪا پهرين مثال ناهي. جسٽس طارق محمود جهانگيري جو چيف جسٽس خلاف تعصب وارو اعتراض ڪنهن به قانوني جواز موجود ناهي. جسٽس جهانگيري سميت ٻين ججن جي چيف جسٽس جي بدلي خلاف داخل اپيل وفاقي آئيني عدالت اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي. ججن تي تعصب جي بنياد تي بينچ کان الڳ ٿيڻ بابت اصول تي اعليٰ عدليه جا ڪيترائي فيصلا موجود آهن. اعليٰ عدليه 1966 کان وٺي 2023 تائين پنهنجي فيصلن ۾ ججن تي اعتراض جي اصول کي واضح ڪري چڪي آهي. جسٽس جهانگيري وٽ چيف جسٽس خلاف اعتراض جي ڪا به قانوني وجهه موجود ناهي، نه ئي هن ڪا وضاحت پيش ڪئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ڪراچي يونيورسٽي کي حڪم ڏنو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي يونيورسٽي جي سموري رڪارڊ سميت جواب جمع ڪرايو وڃي. اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ واري درخواست رد ڪئي وڃي ٿي، البته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ۽ اسلام آباد بار ڪائونسل جو موقف ڪيس ۾ لازمي طور ٻڌو ويندو.