طاقتور ترين حڪمران جوابدارن جي پٺڀرائي پيا ڪن: ام رباب

   طاقتور ترين حڪمران جوابدارن جي پٺڀرائي پيا ڪن: ام رباب

دادو(رپورٽر) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي گذري، جتي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي 20 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو پڻ عدالت ۾ پيش ٿي جنهن بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اهم بيان ڏيندي ام رباب چانڊيو چيو ته ٽي ڏينهن کانپوءِ ٻيهر ڪيس جي ٻڌڻي مقرر ڪئي وئي آهي ۽سڄي ملڪ کي خبر آهي ته هن جي گهر ڀاتين جي قتل ۾ نامزد جوابدار حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل آهن. هن چيو ته موجوده وقت جا طاقتور ترين حڪمران به هن ڪيس ۾ ملوث ڌرين جي پٺڀرائي ڪن ٿا، پر هوءَ انهن خلاف پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي جدوجهد جاري رکندي اچي رهي آهي هن وڌيڪ چيو ته سرداري نظام خلاف آواز اٿارڻ ۽ انصاف لاءِ وڙهڻ ايترو آسان نه آهي، خاص ڪري جڏهن مخالف ڌر بااثر ۽ سياسي طور مضبوط هجي ام رباب جو چوڻ هو ته سندس گهر ۾ وڏي زيادتي ۽ ظلم ٿيو، پر ان باوجود به هن حوصلو نه هاريو ۽ اٽل بيهي قانوني جنگ جاري رکي ام رباب چانڊيو الزام هنيو ته بااثر سردارن پاران ڪيس ۾ ثبوت مٽائڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي، پر ان باوجود هوءَ ۽ سندس قانوني ٽيم عدالت ۾ هڪ هڪ نڪتي تي ثابت قدمي سان بيٺا رهيا. هن چيو ته عدالتن ۾ مخالف ڌر ڄڃ وانگر پنهنجا ماڻهو گڏ ڪري ايندا هيا ته جيئن دٻاءُ پيدا ڪيو وڃي، پر هنن پنهنجون شاهديون ۽ ثبوت باقاعدي ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن هن ٻڌايو ته ڪيس دوران ڊگهي عرصي تائين ڪراس ايگزامينيشن هلندي رهي، جيڪا لڳ ڀڳ ڏهه مهينا جاري رهي، جيڪو پنهنجي نوعيت جو هڪ واحد ڪيس بڻجي ويو آهي ام رباب موجب سندن وڪيل اڃا آخري دليل مڪمل نه ڪيا آهن، تنهنڪري فيصلو اچڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو هن چيو ته جڏهن وڪيلن جون تقريرون مڪمل ٿينديون ته پوءِ عدالت طرفان فيصلو جاري ڪيو ويندو، ۽ کيس اميد آهي ته انصاف ضرور ملندو. واضح رهي ته ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل وارو ڪيس سنڌ جي اهم ۽ حساس ڪيسن مان هڪ شمار ٿئي ٿو، جنهن تي سڄي صوبي جي نظر لڳل