نوابشاهه(رپورٽ اياز ڏاهري)سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جا ٻه مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد شهيد بينظير آباد ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ طاقتور ڌرين لابنگ شروع ڪري ڏني، بلاول لاءِ پنهنجي اباڻي شهر ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جا اميدوار نامزد ڪرڻ مسئلو بڻجي ويو
پنهنجي اخبار کي پ پ جي ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته شهيد بينظيرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ طاقور ڌرين پنهنجا پنهجا اميدوار آڻڻ لاءِ لابنگ شروع ڪري ڏني آهي
ميئر لاءِ مضبوط اميدوارن طور اڳ ٻه نالا سردار خان بھادر ڀٽي ۽ چوڌري جاويد آرائين گردش ڪندا رھيا پر مڪاني ادارن بابت نئين قانون سازي بعد ميئر شپ لاءِ وڌيڪ نالا قاضي رشيد ڀٽي ۽ عظيم مغل سامهون اچي ويا آهن، قاضي رشيد احمد ڀٽي چيئرمين شپ تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن۾ شامل آھي
ذريعن موجب قانون سازي کان پوءِ اڻ چونڊيل پ پ پ سٽي جو اڳوڻو صدر ۽ اڳوڻو تعلقي ميونسپل چيئرمين محمد عظيم مغل جو نالو به سامھون آيو آهي
ڊپٽي ميئر لاءِ مبشر آرائين، حنيف ڪاتيار جا نالا ورتا پيا وڃن جن لاءِ بااثر ڌرين ڊڪ ڊوڙ تيز ڪري ڇڏي آهي
نواب شاھ ۾ پ پ پ اڳواڻ نامور وڪيل اڳوڻو قانون وارو وزير پ پ پ ڊيويزنل صدر ضياءُ الحسن النجار .پ پ پ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري .پ پ پ ايم پي اي طارق مسعود آرائين پنھنجي پنھنجي اميدوارن جي اندروني طور سياسي جوڙ توڙ ڪرڻ ۾ رڌل آھن
بااثر ڌرين جي لابنگ ۽ اميدوارن جي ڊڪ ڊوڙ سبب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي اباڻي شهر ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اميدوارن جي نالن کي قطعي شڪل نه ڏئي سگهيو آهي جڏهن ته بلاول هائوس ۾ پڻ مشاورتي اجلاس ڪيا پيا وڃن