طاقت جو فطري چڪر! … ڊاڪٽر علي رضا قاضي

                 ڇا آمريڪا جهڙو سپر پاور آهستي آهستي پنهنجي طاقت وڃائي پيو؟ ايران – اسرائيل ۽ آمريڪا جي جنگ کانپوءِ هي سوال جديد عالمي سياست جو مرڪزي موضوع بڻجي چڪو آهي. حقيقي طور پاڻ ڪڏهن به تڪڙ ۾ ان جو جواب نه ٿا ڏئي سگهون، ڇاڪاڻ ته هن سوال جو جواب سادي طرح ’ها يا نه‘ ۾ نه ٿو ڏئي سگهجي. اهو ان ڪري جو تاريخ ٻڌائي ٿي ته وڏيون طاقتون اوچتو نه، پر آهستي آهستي تبديليءَ مان گذرنديون آهن؛ ان ڪري سنجيدگيءَ ۽ تاريخي مثالن سان، معاشي انگن اکرن ۽ جديد عالمي رجحانن جي بنياد تي هن سوال جو جائزو وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اِتهاس ۾ جهاتي پائڻ سان انساني تاريخ ۾ طاقت جو هڪ واضح چڪر نظر اچي ٿو: عروج وري  استحڪام، جنهن کانپوءِ تبديلي ۽ آخر ۾ زوال وري اڀري اچڻ.

                 ٻين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ آمريڪا عالمي طاقت جو مرڪز بڻجي ويو. شروعات خونخوار نموني سان ٿي. طاقت جو ظالماڻو استعمال، ان وقت ۾ هڪ قسم جي هارايل ملڪ جاپان مٿان لڳاتار ٻه ايٽمي حملا، لکين ماڻهن جو قتل. ٻئي طرف روس پڻ سوويت يونين جي صورت ۾ نازي جرمنيءَ کي هارائي سپر پاور اسٽيٽس ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيو. اهو سلسلو 46 سالن تائين جاري رهيو، تان جو 1991 ۾ سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ، آمريڪا دنيا جو واحد سپر پاور ٿي ويو. ان کانپوءِ جي سلسلي کي ’يونيپولر مومينٽ‘ پڻ چيو ويندو آهي؛ جيڪي اڄ به جاري آهي. پر هاڻي سوال آهي ته ڇا اهو دؤر ختم ٿي رهيو آهي؟ ان سوال جا پيرا کڻڻ کان اڳ اسان انساني اتهاس ۾ طاقت کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

اوڻويهين صديءَ کان ويهين صديءَ جي اڌ تائين برطانيا دنيا جي سڀ کان وڏي سامراجي طاقت هو. ان جي سلطنت ايتري وسيع هئي جو چيو ويندو هو ته ”تاج برطانيا تي سج ڪڏهن به ناهي لهندو.“

 تاريخي انگ اکر به اهو ئي ٻڌائين ٿا. ويهين صديءِ جي وچ تائين برطانيا دنيا جي لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو زمين تي حڪمراني ڪري رهيو هو. عالمي واپار ۾ هن جو حصو لڳ ڀڳ ويهه سيڪڙو هو. 1870 کان صنعتي پيداوار ۾ اڳواڻي برطانيا وٽ هئي… ۽ پوءِ زوال شروع ٿيو. مکيه عنصرن ۾ جنگين جو اضافي مالي بوجھ اهم رهيو. پهرين مهاڀاري جنگ دنيا جي وڏي طاقت کي قرضن ۾ وڪوڙي ڇڏيو. ايتري تائين جو سال 1945 تائين برطانيا جو قرض GDP جي لڳ ڀڳ 250 سيڪڙي تائين تائين پهچي ويو. انهيءَ زماني ۾ ڀارت، پاڪستان ۽ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ آزاد ٿيا، جنهن برطانيا جي معاشي بنياد کي ڪاپاري ڌڪ رسايو. ان دوران نئين طاقت جو اڀار پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. آمريڪا ۽ سوويت يونين برطانيا کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. هاڻي برطانيا مڪمل ختم ته ناهي ٿيو، پر عالمي حڪمرانيءَ مان هڪ علائقائي طاقت بڻجي ويو.

برطانيا کان اڳ دنيا ۾ اسپين کي سپر پاور مڃيو ويندو هو. سورهين صديءَ ۾ اسپين دنيا جي امير ترين سلطنت هئي. اسپين جي قوت کي انگن اکرن م ڏسجي ته خبر پوندي ته رڳو لاطيني آمريڪا مان اسپين ڏانهن سورهين صديءَ کان سترهين صديءَ جي اڌ تائين 16,000 ٽن چاندي ۽ وڏي مقدار ۾ سون آيو. اهو ئي زمانو هو، جنهن ۾ اسپين وٽ يورپ جي سڀ کان وڏي دولت هئي… ۽ پوءِ زوال شروع ٿيو. هڪ پاسي مهانگائي مٿان افراط زر يا ڏوڪڙن جي اهميت جو ختم ٿيڻ زوال جا مکيه ڪارڻ بڻيا. سونَ ۽ چانديءَ جي گهڻائي سبب قيمتون وڌي ويون، جنهن معيشت کي ڪمزور ڪيو. اسپين ڪڏهن به پنهنجي دولت کي صنعت ۾ تبديل نه ڪيو؛ مٿان وري 1588 ۾ ’اسپينش آرماڊا‘ جي شڪست جو هڪ تمام اهم واقعو ٿيو. سادن لفظن ۾ اسپين جي بادشاه فلپ ٻئين طاقت جي نشي ۾ سامونڊي فوج (گهڻين ٻيڙين جو جَٿو) انگلينڊ تي حملي لاءِ موڪليو. جنهن مڪمل طور تي شڪست کاڌي ۽ اهڙي ريت سمنڊ کان انگلينڊ جي طاقت جي شروعات ٿي. برطانيا هڪ مضبوط سامونڊي طاقت بڻجي ويو. ’اسپينش آرماڊا‘ جي شڪست سان اسپين جي سامونڊي طاقت گهٽجي وئي. حاصل سبق ته صرف وسيلن تي ڀاڙڻ، بغير پيداوار جي زوال جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

برطانيا ۽ اسپين کان اڳ رومن سلطنت کي پڻ طاقت جي حد سمجهيو وڃي ٿو. رومن امپائر دنيا جي سڀ کان طاقتور سلطنتن مان هڪ ليکي ويندي هئي. انگ اکر به ته اهو ئي ٻڌائين ٿا. رومن سلطنت پنهنجي عروج يعني 17هين صديءَ ۾ جي.ڊي.پي. جو 25 سيڪڙو سنڀاليو پئي. شهنشاهيت جي آبادي 60 ملين کان وڌيڪ هئي. طاقت هر طرف نظر پئي آئي…. ۽ پوءِ سياسي افراتفري – معاشي بحران – فوجي خرچ – ٻاهريان حملا زوال جو سبب بڻيا. سلطنت اندورني طور ڪمزور ٿي وئي، جيڪو عمل ٻاهرين دشمن کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي.

ترڪي تيرهين صديءَ جي آخري سال کان ويهين صديءَ جي پهرئين چوٿ تائين دنيا جي وڏي ۽ طاقتور اسلامي سلطنتن مان هڪ هئي، پر ٽيڪنالاجي ۽ صنعتن ۾ پوئتي رهجڻ ۽ يورپ سان مقابلي ۾ ٽيڪنالاجي جي کوٽ وڏي سلطنت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.

جديد دور ۾ سوويت يونين، اتهاس جو وڏو سبق آهي. هڪ وقت ۾ هو آمريڪا جو وڏو حريف هو. انگن اکرن مان پڻ اهو ظاهر ٿئي ٿو. سال 1980 ۾ عالمي جي.ڊي.پي جو لڳ ڀڳ 13 سيڪڙو سنڀالي رھيو ھو. فوجي خرچن لاءِ جي.ڊي.پي جو 15 کان 17 سيڪڙو مختص هو…. ۽ پوءِ مسلسل معاشي ناڪاميون، سرد جنگ جو دٻاءُ ۽ سياسي اصلاحن سال 1991 ۾ سوويت يونين کي مڪمل ختم ڪري ڇڏيو.

هاڻي اچو ته پاڻ آمريڪا جي ڳالهه ڪريون ۽ ان جي موجوده طاقت جو جائزو وٺون. معاشيات جا ماهر مڃين ٿا ته برابر هن وقت آمريڪا وڏي  معاشي طاقت آهي، پر ساڳئي وڏي دٻاءُ هيٺ پڻ رهي ٿي. سال 2025 جي انگن اکرن موجب آمريڪا جي جي.ڊي.پي اٽڪل 26 ٽرلين ڊالرس ۾ آهي. جيڪو دنيا جو لڳ ڀڳ 24 سيڪڙو بيهي ٿو. ان سان گڏ ٽرلينس ۾ قرض پڻ آهي. ان جي مقابلي ۾ چين 18 ٽرلين ڊالرس جي جي.ڊي.پي سان پاڻ کي نمايان رکندو پيو اچي. سادو تقابل ته آمريڪا اڳواڻ ته آهي، پر چين هن سان ڪلهو ملائي پيو. وري ٻئي طرف فوجي سگهه کي ڏسجي ته آمريڪا وٽ 750 کان وڌيڪ فوجي اڏا ۽ 11 ائير ڪرافٽ ڪيرئير آهن. هو هن وقت ٽيڪنالاجيءَ ۾ سڀني کي مات ڏيو ويٺو آهي، پر هو ماضي قريب ۾ افغانستان ۽ عراق ۾ 2 ٽرلين ڊالرس جو خرچ پڻ ڪري چڪو آهي. مطلب سڌو ته فوجي طاقت هميشه سياسي ڪاميابي جي ضمانت نه هوندي آهي. ويجهڙائي ۾ جنگ جي خلاف ٿيندڙ احتجاج اهو پڻ ٻڌائين ٿا ته ملڪ ۾ سياسي ورهاست ۽ اندروني بحران وڌي پيو. ٻين لفظن ۾ آمريڪا اندر سياسي پولرائيزيشن وڌي پئي. چونڊن تي تڪرار، سماجي ورهاست، پاليسين ۾ تسلسل جي کوٽ – اهي ساڳيا عنصر رومن سلطنت ۽ سوويت يونين ۾ به ڏٺا ويا هئا. اهو پڻ ته عالمي طاقت جي تبديلي ڄڻ اڻٽر ٿيندي پئي وڃي. دنيا پنهنجي ڏسَ ۾ هاڻي ملٽي پولر يا گھڻ قطبي ٿئي پئي. طاقت جو مرڪز جتي آمريڪا آهي، اتي چين، روس ۽ يورپي يونين پڻ اهم مرڪز آهن. ڀلي آمريڪا اڃا به اي.آءِ. سليڪون ويلي، اسپيس ايڪسپولوريشن ۾ اڳتي هجي، پر ٻيا ملڪ به گهڻو پوئتي ناهن.

هڪ ڀيرو وري پاڻ کان سوال ڪريون ٿا: ڇا آمريڪا زوال طرف وڃي رهيو آهي؟ جيڪڏهن ’ها‘ ته ان جا دليل هي آهن: معاشي مقابلو وڌي رهيو آهي – قرض وڌي رهيو آهي – سياسي ورهاست ۾ اضافو پيو ٿئي. وري جيڪڏهن ’نه‘ جا دليل ڳڻجن ته ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي – مضبوط ادارا – عالمي اتحاد ٻڌائي ٿو ته آمريڪا جي سگهه اڃا گهڻي وقت تائين برقرار رهندي. ڀلا جي پوئتي ڌڪجڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته معاشي، سياسي ۽ سماجي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو زوال نه پر تبديلي هوندي. ڇاڪاڻ ته  زوال هميشه مڪمل خاتمو نه هوندو آهي. جهڙي ريت برطانيا اڄ به هڪ اهم ملڪ آهي، پر سپر پاور نه آهي. اهڙي طرح آمريڪا شايد مڪمل ختم نه ٿئي، پر ان جي طاقت ٻين ملڪن سان ورهائجي وڃي. نتيجي ۾ مستقبل جو نقشو هن طرح هوندو، جيڪو تاريخ ۾ پڻ ملي ٿو ته برطانيا اسپين، رومن سلطنت، عثماني سلطنت، سوويت يونين جي صورت ۾ اسان جي اڳيان موجود آهي. مطلب سادو ۽ آسان آهي: ڪا به طاقت دائمي ناهي –  معاشي ۽ سياسي ڪمزوري زوال آڻي ٿي – نيون طاقتون هميشه اڀرن ٿيون. ان ڪري پاڻ هن حتمي نتيجي تي پهچون ٿا ته آمريڪا مڪمل طور ختم نه پيو ٿئي، پر ان جو ’ايبسوليوٽ پاور‘ آهستي آهستي ’ورهايل طاقت‘ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي.