طالبان سان ڳالهيون دهشتگردي خاتمي جو حل آهي، آئون کين راضي ڪندس، مولانا جو اثر ختم ٿي ويو: گنڊاپور

مارچ 22, 2025

اسلام آباد / پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته طالبان سان ڳالهيون aدهشتگردي جي خاتمي جو واحد حل آهي، ٽاسڪ ڏيو ته انهن کي راضي ڪري وٺندس، مولانا جو طالبان ۾ اثر ختم ٿي ويو، ڳالهين وارو پلان ٺاهي حڪومت کي ڏنو، پر حڪومت اڍائي مهينن کان ڪو جواب ناهي ڏنو، عمران کي ڇڏڻ بنا ملڪ جون حالتون ٺيڪ نه ٿينديون. افغانستان سان ڳالهيون ڪريو، باني پي ٽي آءِ عمران خان کي ڇڏڻ بنا حالتون ٺيڪ نه ٿينديون. افطار پارٽي کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته الزام آهي ته اسان جي صوبي ۾ ڪرپشن ٿي رهي هي، جيڪڏهن ڪرپشن ٿئي ها ته ڇا صوبو سرپلس هجي ها؟ اهڙي ڪرپشن ته ٻين صوبن ۾ به هجڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان جو طالبان ۾ اثر ختم ٿي چڪو آهي مون کي ڳالهين جو ٽاسڪ ڏيو انهن کي ٽيبل تي آڻيندس.

 

Leave A Comment