طالبان مخالف افغان شهرين ۽ عملدارن کي نيڪالي نه ڏيڻ جو حڪم

طالبان مخالف افغان شهرين ۽ عملدارن کي نيڪالي نه ڏيڻ جو حڪم

پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ اڳوڻن افغان دفاعي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن، صحافين، وڪيلن ۽ استادن پاران داخل ڪيل 123 رٽ درخواستن تي فيصلو ڏيندي درخواست گذارن کي 60 ڏينهن تائين گرفتار يا ملڪ بدر نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس وقار احمد ۽ جسٽس انعام الله خان تي مشتمل بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ڏيندڙن مطابق افغانستان ۾ انهن جي زندگين کي انهن جي اڳوڻي پيشي، سياسي وابستگي يا جنس جي ڪري خطرو هو، جنهن جي ڪري اهي پاڪستان هجرت ڪري آيا. گهڻا درخواست ڏيندڙ يو اين ايچ سي آر سان پناهگير طور تي رجسٽرڊ آهن. بين الاقوامي قانون ڪنهن به شخص جي اهڙي ملڪ ۾ واپسي کي منع ڪري ٿو جتي انهن جي زندگي يا آزادي کي خطرو هجي. ڪيترن ئي درخواست ڏيندڙن ٻاهرين ملڪ منتقلي جا مختلف مرحلا مڪمل ڪيا آهن، جن ۾ انٽرويو ۽ سيڪيورٽي ڪليئرنس شامل آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي کي ٽئين ملڪن ۾ آبادڪاري لاءِ سفارش ڪئي وئي آهي.