طالبان کان تنگ ٿي افغانستان ڇڏي پاڪستان پهتل افغان گلوڪارا قتل

جُولاءِ 17, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ ) طالبان جي ڪري افغانستان ڇڏي پاڪستان پهتل گلوڪارا پشاور ۾ قتل ٿي وئي

افغانستان جي مشهور گلوڪارا حسيبه نوري کي نا معلوم هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو، اهڙو واقعو پشاور ۾ پيش آيو

حسيبه نوري افغانستان جي مشهور گلوڪارا هئي ۽ افغانستان ۾ جڏهن طالبان اقتدار ۾ آيا ۽ عورتن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون ويون ته ٻين وانگر حسيبه نوري به پنهنجو وطن ڇڏڻ تي مجبور ٿي وئي

حسيبه نوري 2021ع ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان پهچي پناهه ورتي هئي، پر اتي به سندس زندگي نه بچي سگهي

افغانستان ۾ طالبان حڪومت کانپوءِ پنهنجو وطن ڇڏي پاڪستان پناهه لاءِ پهتل گلوڪارا پشاور ۾ قتل ٿي وئي اهڙو واقعو آچر ڏينهن پيش آيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

Leave A Comment