| طالبان ۽ ٽي ٽي پي کي دشمن وسيلا ڏئي پيو، ثبوت آهن، دهشتگردن کي سمنڊ ۾ ٻوڙينداسين: شهباز |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي جي ڳٺ جوڙ جا جوڳا ثبوت موجود آهن. طالبان ۽ ٽي ٽي پي کي دشمن وسيلا ڏئي پيو، دهشتگردن کي هندي سمنڊ ۾ ٻوڙينداسين، قومي پيغام امن ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جو ناسور ٻيهر ڪُر کڻي رهيو آهي، 2018ع وانگر دهشتگردي کي ٻيهر چيڀاٽي ڇڏينداسين، دهشتگردن کي پاڪستان جي سرحدن تان کڻي هندي سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويندو.هن چيو ته افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي جي ڳٺ جوڙ جا جوڳا ثبوت موجود آهن ۽ دشمن طرفان کين هر قسم جا وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن. شهباز شريف جو چوڻ هو ته سڀني مڪتبه فڪر جي علمن جو هتي هجڻ سٺي ڳالهه آهي، قومي ايڪي جي اڄ جيتري ضرورت آهي اڳ شايد ڪڏهن نه هئي، گڏ ويهي معاملا طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي.