| طالبان ۾ ڪو فرق آهي، افغانستان ۾ حملو ناهي ڪيو ڪنداسين ته دنيا کي ٻڌائينداسين، دهشتگردي ۽ واپار گڏ نه هلندا: پاڪ فوج |
راولپنڊي(م ڊ) ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ رليشنزليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته جنرل (ر) فيض حميد جو ڪورٽ مارشل هڪ قانوني ۽ عدالتي عمل آهي، ان تي اڳڪٿيون ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. افغانستان تي حملي بابت سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جڏهن اسان حملو ڪندا آهيون ته سر عام اعلان ڪندا آهيون، آڪٽوبر ۾ اسان افغانستان تي حملو ڪيو ۽ سڀني کي ٻڌايو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف ڪاميٽيون ٺهيل آهن، فوج جا نمائندا به ڪاميٽين جو حصو آهن، معيشت خلاف جيڪا ڳٺ جوڙ ٿي رهي آهي، بلوچستان حڪومت ان جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بلوچستان حڪومت دهشتگردي خلاف نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته جنرل (ر) فيض حميد جو ڪورٽ مارشل هڪ قانوني ۽ عدالتي عمل آهي، ڪورٽ مارشل معاملي تي اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي، جيئن ئي عمل ٿيندو ۽ ڪو فيصلو ايندو ته اسان اوهان کي ٻڌائينداسين. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته سرحد تي فوج ۽ ايف سي بارڊر مئنيجمينٽ ڪري رهيا آهن، دوحا ۽ استنبول ڳالهين ۾ اسان سڀني کي سمجهايو آهي اِهي ماڻهو ڪڏهن چون ٿا ته 6 هزار ٽي ٽي پي جا دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ڪنداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اهي ماڻهو پنهنجي ٻارن کي غلط سبق سيکاري رهيا آهن، هو ”گريٽر پشتونستان“ جي ڳالهه ڪن ٿا، افغان حڪومت جا اعليٰ عهديدار پاڻ بيان ڏئي رهيا آهن ته هو حملو ڪندا، آمريڪي هٿيار ميانواليءَ ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ به مليا آهن، اِهي ميزائل ۽ هٿيار سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻيل آهن. هن چيو ته اهي دهشتگرد آمريڪي هٿيار ۽ آمريڪي بُلٽ پروف گاڏيون استعمال ڪن ٿا، هي هٿيار انهن جو روزگار بڻيل آهي، هو منشيات مان هٿيار خريد ڪن ٿا، اسين ٽي ٽي پي ۽ ٽي ٽي اي ۾ ڪو فرق نٿا سمجهون. هن چيو ته هي هٿيار افغان طالبان جي هٿن ۾ آهن، اسان اهي هٿيار آمريڪين کي به ڏيکاريا آهن، جيڪي 7.2 ارب ڊالر جا هٿيار افغانستان ۾ ڇڏي ويا هئا، جيڪي دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن انهن ۾ 29 دفعا آمريڪي هٿيار نڪتا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ فوج ۽ پاڪستان جي عوام کي کٽڻي آهي، دهشتگردي خلاف جيڪا به جنگ آهي، پاڪستان ئي کٽيندو. هن چيو ته واضح نموني ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته دهشتگردي جا حملا ۽ واپار گڏ نه ٿا هلي سگهن.
ڪابل(م ڊ) افغانستان ۾ طالبان جي عبوري حڪومت پاڪستان تي پڪتيڪا، خوست ۽ ڪنڙ ۾ هوائي حملا ڪري افغان هوائي حدن جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائينديچيو آهي ته غلط معلومات جي بنياد تي ڪم ڪرڻ سان صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي ويندي آهي ۽ صرف ذلت جو سبب بڻجندي آهي. طالبان عبوري حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد دعويٰ ڪئي ته پاڪستان خوست صوبي ۾ هڪ گهر تي بمباري ڪئي جنهن ۾ 10 ٻار ۽ عورتون مارجي ويون آهن، جڏهن ته ڪنڙ ۽ پڪتيڪا ۾ هوائي حملي ۾ چار وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هوائي حملا نه رڳو افغانستان جي خودمختياري ۽ هوائي حدن جي واضح خلاف ورزي آهن، پر پاڪستان پاران بين الاقوامي طور تي تسليم ٿيل اصولن ۽ قانونن جي به ابتڙ آهن. هن چيو ته پاڪستاني فوج جي هن قسم جي جارحيت سان اهي ڪا به ڪاميابي حاصل نٿا ڪري سگهن. افغانستان پاڪستان پاران پنهنجي سرحدن جي خلاف ورزي ۽ مجرماڻي ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ پنهنجي هوائي ۽ زميني سرحدن ۽ پنهنجي عوام جي دفاع کي پنهنجو شرعي حق سمجهي ٿو ۽ مناسب وقت تي ضرور جواب ڏيندو.