| طبي انقلاب: جسم ۾ ڪمپيوٽر جي چپس لڳائڻ سان نظر بحال ٿيندي |
پيرس(انٽريسٽنگ نيوز) طبي ماهرن هڪ مريض جي جسم ۾ ڪمپيوٽر جي چپس لڳائڻ سان نظر بحال ڪري ورتي. ان ڏس ۾ ٽائيم ميگزين جي رپورٽ موجب سائنس ۽ طب ۾ هڪ نئين اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تحت انساني جسم ۾ لڳايل ڪمپيوٽر چپس سان اکين جي وڃايل نظر کي جزوي بحال ڪري سگهجي ٿو. رپورٽ ۾ 87 ورهين جي فرانسيسي عورت ايلس شارٽون جو مثال ڏنو ويو آهي جيڪا عمر جي ڀيٽ سان اکين جي بيماري ايج ريليٽيڊ ميڪولر ڊي جنريشن (اَي ايم ڊي) ۾ مبتلا ٿي پنهنجي نظر وڃائي چڪي هئي. سان فرانسسڪو جي ڪمپني سائنس ڪارپ “پريما“ نالي هڪ تجرباتي ٽيڪنالوجي تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ ريٽنا جي متاثر حصي تي هڪ ننڍڙي مائڪرو چپ لڳائي ويندي آهي. جنهن سان نظر جزوي بحال ڪري سگهجي ٿي.