اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته طعنا ڏنا ويا ته اسٽبلشمينٽ جو ماڻهو آهيان، ذاتي مفادن لاءِ ڪڏهن به سپهه سالارن سان ملاقاتون ناهن ڪيون، مقصد صرف هڪ ئي هو ته حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃن، غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪن، تيز رفتار ترقي لاءِ مشاورت، اتفاق ۽ قومي يڪجهتي سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي
باره ڪهو باءِ پاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ آرمي چيف جو وڏو ڪردار آهي، هي منصوبو به نواز شريف جو ويزن آهي، سازش جي ذريعي حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته گهڻو وقت اڳ هي منصوبو مڪمل ٿي وڃي ها، شهباز شريف چيو ته سڄي ملڪ مان ايندڙ ماڻهن کي باره ڪهو باءِ پاس سان فائدو ٿيندو