طلاقيل عورت سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش
جُون 25, 2025
جيڪب آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ٿاڻي تي مدد لاءِ ويندڙ طلاقيل عورت سان پوليس عملدار پاران مبينا زيادتي جي ڪوشش جي ڪوشش خلاف عورت عصمه جلباڻي احتجاج ڪيو.
عورت موجب مڙس طلاق ڏئي ڇڏي آهي، ڀائرن گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي مختلف درگاهن تي رهندي آهيان.
همايون ٿاڻي تي عملدار مدد بهاني ڪوارٽر وٺي ويو اتي هن جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪئي
دانهون ڪرڻ تي پوليس عملدار پاڻ ڀڃي ويو، ٿاڻي تي ويم ته پوليس داد رسي نه ڪئي. هن چيو ته ڪراچي پنهنجي ڀيڻ ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي مدد ڪئي وڃي.