| طلاقيل يا بيواهه عورتن کي ٻي شادي جو حق آهي: حمزه عباسي |
ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪار حمزه علي عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن طلاقيل يا بيواهه عورتون ٻيهر شادي ڪرڻ چاهين ته اسان جي سماج ۾ انهن کي غلط نگاهه سان نه ڏسڻ گهرجي.هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته اسان جي سماج جو هڪ مخصوص طبقو بيواهه ۽ طلاقيل عورتن جي ٻي شادي کي عيب سمجهندو آهي حمزه چيو ته ڪير ٻي شادي ڪرڻ چاهي يا نه؟ اهو سراسر انهي شخص جو فيصلو هجڻ گهرجي، انهي ۾ ٻين کي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.هن چيوته منهنجي گذارش آهي ته جيڪي عورتون ٻيهر شادي ڪرڻ چاهين ٿيون، اسان کي انهن کي منفي نگاهه سان نه ڏسڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو انهن جو حق آهي