| طلاق ناهي ٿي، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي: نمره خان |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره نمره خان تازو شاديءَ جون تصويرون هٽائڻ کانپوءِ اٿيل عليحدگيءَ جي افواهن بابت وضاحت ڪري ڇڏي. نمره خان جون 2026ء ۾ انسٽاگرام تي پنهنجي شاديءَ جو اعلان ڪيو هو، اداڪاره پيرس ۾ ٿيل نڪاح جون تصويرون پڻ مداحن سان شيئر ڪيون هيون. تازو نمره پاران انسٽاگرام تي هڪ اداس ريل شيئر ڪرڻ کانپوءِ سندس طلاق بابت اڳڪٿيون شروع ٿي ويون.ريل ۾ اداڪاره جذباني پيغام ڏنو ته زندگي ڏکي ٿي پوي، ماڻهو سمجھڻ ڇڏي ڏين يا ڪو ساٿ نه ڏئي، انسان کي ڪڏهن به پنهنجو ساٿ نه ڇڏڻ گهرجي. مداحن جي سوالن تي نمره خان طلاق جي افواهن جي ترديد ڪندي جواب ڏنو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، سندس شادي جون تصويرون انسٽاگرام تي موجود آهن، مون خراب نظر کان بچڻ لاءِ انهن کي آرڪائيوڪيو آهي،