| طلاق کپي: ڊاڪٽر نبيحه فيملي ڪورٽ پهچي وئي |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) سوشل ايڪٽويسٽ ۽ نفسياتي ماهر ڊاڪٽر نبيحه علي خان پنهنجي مڙس کان خلع وٺڻ لاءِ فيملي ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو آهي. ڊاڪٽر نبيحه علي پنهنجي وڪيل چوڌري مدثر ذريعي خلع جي درخواست داخل ڪئي آهي. ڊاڪٽر نبيحه موجب سندس مڙس حارث کوکر سٺي ڪردار جو مالڪ ناهي هو گارگند ڪرڻ سان گڏ مٿس تشدد به ڪندو آهي. ڊاڪٽر موجب مڙس ساڻس جانورن وانگر سلوڪ ڪري ٿو، هاڻي هوءَ ساڻس گڏ رهڻ نٿي چاهي.عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته جلد خلع جي ڊگري جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.