| طوطي تي ڪافي چوري جو ڪيس داخل: ڊرامائي انداز ۾گرفتار |
سيئول(انٽريسٽنگ نيوز) طوطي تي ڪافي چوري جو انوکو ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس ڊرامائي انداز ۾ گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪيفي هائوس انتظاميا پاران چوري جو انوکو ڪيس داخل ڪيو ويو. رپورٽ داخل ٿيڻ بعد پوليس ۽ انتظاميا طوطي کي پڪڙڻ لاءِ پلان جوڙيو، طوطو جيئن ئي ڪيفي ۾ آيو ته انتظاميا کيس کاڌي پيتي جون شيون ڏنيون ، ڪيفي ۾ موجود گراهڪن کي طوطي سان کيڏڻ جو پڻ موقعو ڏنو ويو ، طوطو کائڻ پيئڻ ۽ کيڏڻ ۾ مصروف هو ته ڪيفي انتظامياپوليس کي گهرائي ورتو ، پوليس پهچي طوطي کي ڊرامائي انداز ۾ گرفتار ڪري ورتو . پوليس موجب طوطي جي مالڪ کي ڳوليون پيا، کيس هٿ ڪري مٿس ڏنڊ لڳايو ويندو، جيڪڏهن مالڪ نٿو ملي ته پوءِ طوطي کي اينيمل ريسڪيو اينڊ مينيجمينٽ ايسو سيئيشن حوالي ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڪيفي انتظاميا جو چوڻ آهي ته طوطي تنگ ڪري رکيو هو، ڪيفي هائوس ۾ اچي گراهڪن جي ڪافي کڻي ويندو هو، چور طوطي جي گرفتاري تي هو خوش آهن.